آبادگار رسالو

ھن نالي سان حيدرآباد مان سنڌيءَ ۾ ھڪ ماھوار رسالو بہ نڪرندو آھي، جيڪو سنڌ آبادگار بورڊ جو علمي، ادبي ۽ زرعي ترجمان آھي. ھيءُ رسالو سال 1983ع کان لاڳيتو شايع ٿي رهيو آهي. ھن رسالي ۾ زراعت کان سواءِ مذھب، ادب، سيرت ۽ مختلف موضوعن بابت بہ مواد ڏنو ويندو آھي. ھيءُ رسالو آبادگار ۽ زراعت سان لاڳاپيل ماڻھن لاءِ معلوماتي رھنما آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو