آباد (ديھہ)

آباد“ نالي سان سنڌ ۾ ڪيتريون ديهون بہ موجود آھن، جهڙوڪ؛ (1) تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ھڪ ديھہ، جنھن ۾ 14 ڳوٺ شامل آھن. (2) تعلقي سيوھڻ ۾ ھڪ ديھہ. (3) تعلقي جوھيءَ ۾ ھڪ ديھہ، جنھن ۾ اٽڪل 20 ڳوٺ شامل آھن. (4) تعلقي ميھڙ ۾ ”آباد“ نالي سان ٻہ ديهون آھن، جن کي آباد-1 ۽ آباد-2 جي نالن سان سڏجي ٿو. (5) تعلقي وارھ ۾ ھڪ ديھہ، جنھن ۾ 7 ڳوٺ شامل آھن. (6) تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ھڪ ديھہ، جنھن ۾ 12 ڳوٺ شامل آھن. (7) تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ھڪ ديھہ ۽ (8) جيڪب آباد تعلقي ۾ ھڪ ديھہ. اهڙي طرح تعلقي ڪنڊياري، روهڙي ۽ ڪوٽڏيجي ۾ بہ ”آباد“ نالي ديهون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو