آباد: فارسي ٻولي جي لفظ ’آباد‘ جي لغوي معنيٰ ’سرسبز‘ (پاڻيءَ جي ڪري) ۽ ’ماڻهن جو وسيل علائقو‘ جي آهي. سنڌ ۾ ھن نالي سان ڪيترائي ڳوٺ ۽ شھر موجود آھن: (1) هڪ ڳوٺ جيڪو اڳ ڪوٽڙي ۽ هاڻي مانجهند تعلقي ۾ لڪي شاهه صدر کان ڏکڻ طرف چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. ھن ڳوٺ کي ڪيترا ڀيرا درياهه پائي ويو، پر نئين سر وري آباد ٿيو آھي. سنڌ جي مشھور اديب محمد ابراھيم جويي ھن ڳوٺ ۾ جنم ورتو ھو. (2) تعلقي سيوھڻ جي ديھه ’سعيدآباد‘ ۾ ھڪ ڳوٺ به ’آباد‘ نالي سان موجود آھي، ھتي پرائمري اسڪول به آھي، (3) لکي تعلقي جي ديھه ’گوسڙجيءَ‘ ۾ به ھڪ ڳوٺ ’آباد‘ نالي سان سڏجي ٿو، (4) ڳڙھي ياسين تعلقي جي ديھه ’منعم آباد‘ ۾ ھڪ ڳوٺ آهي، جتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري اسڪول آھن، (5) وارھه تعلقي جي ديھه ’آباد‘ ۾ ھڪ ڳوٺ آهي، جتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ مڊل ۽ پرائمري اسڪول آھن. (6) تعلقي قمبر جي ديھه ’جوڻيجا‘ ۾ ھڪ ڳوٺ آهي، ھتي پرائمري اسڪول آھي. (7) تعلقي رتيديري جي ديھه ’پير بخش ڀٽي‘ ۾ ھڪ ڳوٺ آهي. (8) تعلقي جيڪب آباد جي ديھه ’آباد‘ ۾ ڳوٺ آهي. ھتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول موجود آھن. سکر شھر جي ايئرپورٽ ڀرسان ’آباد‘ نالي هڪ ننڍو شھر آهي، جتي پوليس ٿاڻو به آهي. ڪنڊياري، جيڪب آباد، ڏوڪري، سيوهڻ، ڪوٽڙي، ميھڙ، وارهه، روهڙي ۽ ڪوٽڏيجي تعلقن ۾ آباد نالي سان ديھون پڻ آهن. جڏهن ته سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن جي نالن سان آباد لفظ ڏنل آهي، مثال طور حيدرآباد، جيڪب آباد، نصير آباد، دولت آباد، امن آباد، ڪريم آباد، لياقت آباد، سمن آباد، سڪندر آباد، جيمس آباد، لطيف آباد، قاسم آباد، سعيد آبا وغيره.