آبحيات

آبِحيات: امرت جل، اُهو پاڻي جنهن جي پيئڻ سان دائمي زندگي حاصل ٿئي، ان کي آبحيات چئبو آهي. ڏندڪٿائي روايتن مطابق خواجہ خضر عليہ السلام، بحر ظلمات ۾ وڃي اهو پاڻي پيتو، جنهنڪري دائمي زندگي مليس. آبحيات جي ڳولا ۾ سڪندر ذوالقرنين بہ نڪتو، مگر اهو پاڻي نہ مليس. آڳاٽن لوڪن جو خيال هو تہ آب حيات هڪ حقيقت آهي ان ڪري دنيا ۾ هر هنڌ موجود لوڪ ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن ۾ اهڙي سدا حيات بخش پاڻيءَ يا مشروب جو تصور ملي ٿو. اڪثر قصن ۾ ديوتا ۽ شيطاني قوتون يا سورما ان پاڻي جي کوج ۾ مهمون سر ڪندا نظر ايندا آهن. هندو ڏند ڪٿائن ۾ ان کي ’امرت‘ چون ٿا جيڪو ديوتائن ۽ راڪاسن سمنڊ جو پاڻي ولوڙي حاصل ڪيو پر پوءِ ديوتائن دوکي سان اهو امرت پاڻ پي ڇڏيو يا راڪاسن کي دائمي زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏيو. اهڙا ئي قصا يوناني ۽ رومي ڏند ڪٿائن ۾ بہ موجود آهن.


لفظ آبحياتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو