آب دوز جو هڪ نمونو

آب دوز جو هڪ نمونو

آبدوز

آبدوز) (Sub marine: سمنڊ جي اونھي پاڻيءَ اندر ھلندڙ ھڪ قسم جو ٻيڙو، جيڪو دشمن جي بحري جھازن کي اندر ئي اندر بارود سان Torpedoes ذريعي تباهه ڪري ٿو. دنيا جي پهرين آبدوز ٻيڙي هڪ ولنديزي انجنيئر جي. ڊريل (J.Drebble) 1620ع ۾ تيار ڪئي، جيڪا عام ٻيڙين وانگر ڪاٺ جي ٺهيل هئي، پر ان تي چمڙو چاڙهيو ويو هو ۽ چپُن سان هلائي ويندي هئي. 1776ع ۾ آمريڪي انقلاب دوران ڊيوڊ بشنيل (David Bushnell) نالي هڪ آمريڪي انجنيئر آبدوز جي ترقي يافته شڪل تيار ڪئي، جنهن وسيلي هن هڪ بحري جهاز کي ٻوڙڻ جي به ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ ريت آمريڪا ۾ آبدوز ٻيڙين جي تياريءَ جو سلسلو شروع ٿيو. 1800ع بشنيل جي اصول تي رابرٽ فلٽن ”ناٽيلس (Nautilus) نالي هڪ آبدوز تيار ڪيو، جنهن کي جديد آبدوز جو سادو نمونو سڏي سگهجي ٿو. ان کان پوءِ آمريڪا جي ٻن انجنيئرن . جي. پي هالينڊ (J.P. Holland) ۽ سائمن لئڪ (Simon Lak) جي ڪوششن ۽ سخت محنت سان جديد آبدوز تيار ڪيو ويو، جيڪو پاڻيءَ جي مٿاڇري تي تيل سان ۽ سمنڊ اندر بجليءَ جي سگهه سان سٺي رفتار سان هلي سگهندو هو. هن سان بحري جهازن تي ڪامياب حملا به ڪيا ويا. 1900ع ۾ اهڙي قسم جو آبدوز آمريڪي سامونڊي فوج جي حوالي ڪيو ويو، پر وڏي پيماني تي آبدوز ٻيڙا جرمنيءَ تيار ڪيا ۽ پهرين عالمي جنگ ۾ انهن کي فوجي مقصدن لاءِ ڪم آندو. ان کان پوءِ جپان به آبدوز جا ڪامياب نمونا ٺاهيا ۽ پهرين عالمي جنگ دوران وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون. ائٽمي سگهه تي هلندڙ پهريون ائٽمي آبدوز Nautilus 1954ع ۾ آمريڪا ۾ تيار ٿيو، جيڪو ائٽمي قوت سان سڄي دنيا جو چڪر هڻي آيو. 1960ع ۾ آمريڪا 447 فوٽ ڊگهو ٽرائٽن (Triton) آبدوز تيار ڪيو، جيڪو پاڻيءَ جي سطح تي اچڻ سواءِ سڄي دنيا جو چڪر هڻي آيو. ان بعد آمريڪا جي تيار ڪيل ”جارج واشنگٽن آبدوز“ ڪيترن مهينن تائين سمنڊ ۾ رهي، رڪارڊ قائم ڪيو. ان ۾ ميزائل به نصب ڪيا ويا هئا. هن وقت آمريڪا کان سواءِ روس، برطانيا، فرانس، چين ۽ٻين ڪيترن ملڪن وٽ ائٽمي آبدوز توڙي عام رواجي آبدوز موجود آهن.
ھن ٻيڙي کي ”ٽوٻو جھاز“ به چيو ويندو آھي. سنه 1940ع ۾ آمريڪا جي سائنسدانن ائٽمي قوت سان ھلندڙ آبدوز ٺاھيو، جنھن ڪيترن ئي ڏينھن تائين سمنڊ ۾ اندر ئي اندر رھي، مختلف سائنسي تجربا ڪيا.
پاڪستان جو ”سب ميرين فورس“ اپريل 1964ع ۾ بنايو ويو. سيپٽمبر 1965ع واري پاڪ – ڀارت جنگ دوران پاڪستان جي پهرين آبدوز ’غازي‘ ڪيترين راتين تائين پاڻي اندر رهي ڀارت جي هڪ وڏي بحري اڏي دوارڪا کي تباهه ڪيو هو. ان جو ڪمانڊر ڪرامت رحمان نيازي هو. پاڪستان جي آبدوز کي ڳولي نه سگهڻ ۽ تباهه نه ڪرڻ جي الزام ۾ ڀارتي بحريه جي ڪمانڊر ان چيف کي نوڪريءَ تان برطرف ٿيڻو پيو هو. هيءَ آبدوز 1971واري جنگ ۾ ڪراچيءَ کان چٽگانگ ويندي حملي ۾ تباهه ٿي وئي هئي. هن وقت پاڪستاني بحري فوج وٽ عام آبدوز 5 اليڪٽرانڪ آبدوز ۽ انهن جي تياريءَ لاءِ سکيا ورتل نيول انجنيئر به موجود آهن.


لفظ آبدوزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1620.00.00  عيسوي

دنيا جي پهرين آبدوز ٻيڙي هڪ ولنديزي انجنيئر جي . ڊريل ( J . Drebble ) 1620ع ۾ تيار ڪئي ، جيڪا عام ٻيڙين وانگر ڪاٺ جي ٺهيل هئي ، پر ان تي چمڙو چاڙهيو ويو هو ۽ چپُن سان هلائي ويندي هئي .


1776.00.00  عيسوي

1776ع ۾ آمريڪي انقلاب دوران ڊيوڊ بشنيل ( David Bushnell ) نالي هڪ آمريڪي انجنيئر آبدوز جي ترقي يافته شڪل تيار ڪئي ، جنهن وسيلي هن هڪ بحري جهاز کي ٻوڙڻ جي به ڪوشش ڪئي .


1800.00.00  عيسوي

. 1800ع بشنيل جي اصول تي رابرٽ فلٽن ” ناٽيلس ( Nautilus ) نالي هڪ آبدوز تيار ڪيو ، جنهن کي جديد آبدوز جو سادو نمونو سڏي سگهجي ٿو .


1954.00.00  عيسوي

ائٽمي سگهه تي هلندڙ پهريون ائٽمي آبدوز Nautilus 1954ع ۾ آمريڪا ۾ تيار ٿيو ، جيڪو ائٽمي قوت سان سڄي دنيا جو چڪر هڻي آيو .


1965.09.00  عيسوي

سيپٽمبر 1965ع واري پاڪ – ڀارت جنگ دوران پاڪستان جي پهرين آبدوز ’ غازي ‘ ڪيترين راتين تائين پاڻي اندر رهي ڀارت جي هڪ وڏي بحري اڏي دوارڪا کي تباهه ڪيو هو .



سائنسي داخلائون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آبدوز
حياتين
زپ
بارود
آڪسيجن
باد نُما
امونيا
اڻ لڀ گئسون
رَتُ1
سئٽلائيٽ
سائنسي داخلائون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون