
آبڪلاڻيءَ جو هڪ منظر
آبڪلاڻِي: پاڻيءَ جي گهڻائي. سنڌو درياھہ ۾ پاڻيءَ جي چاڙھہ جي موسم مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ مهينن وارو عرصو آهي، جنهن ۾ عموماً درياھہ ڪچي واريءَ زمين تي ٻوڏ ڪندو آهي. هن مند ۾ چؤماسي جي مينهن جو پاڻي ٿٻيٽ جي سنگي ڪباب (شينهن جو منهن) کان مانسروور ڍنڍ کان ٿيندو، هماليہ جبلن جي گليشيئرن جي رجيل پاڻيءَ کي کڻندو ڪشمير، سرحد ۽ پنجاب صوبي جي ندين نالن کان ٿيندو سنڌوءَ ۾ پوندو آهي .