آبِ زمزم: ڪعبة ﷲ شريف مڪي مڪرمه جي قديم چشمي جو اھو مٺو پاڻي، جيڪو حاجي سڳورا حج دوران پيئڻ ۾ ڪم آڻيندا آھن. آب زم زم جو کوھ چار گز ويڪرو ۽ 9 گز اونھون آھي. هن کي ”چاھہ زم زم“ بہ چوندا آهن. زم زم کوھہ واري موجودہ عمارت 1960ع ڌاري ٺھي تيار ٿي. هن کوھہ جو انجيل ۽ توريت ۾ بہ ذڪر آهي. ان کوھہ جو پاڻي ڪيترين صدين تائين جاري رهيو، ليڪن بعد ۾ اهو بند ٿي ويو، حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم(خاتم النبي) جي ڏاڏي عبدالمطلب لاءِ چون ٿا تہ کيس خواب ۾ اشارو ملڻ بعد هن پنھنجي پٽ حارث جي مدد سان تحقيق ڪري وڏن ڪشالن سان ان کوھہ جو صحيح هنڌ معلوم ڪري، نئين سر کوٽائي، وري آب زم زم جاري ڪيو. ھيءُ چشمو ان وقت جو يادگار آھي، جڏھن حضرت ابراھيم عليہ السلام، پنھنجي گهرواريءَ بيبي ھاجره ۽ پٽ حضرت اسماعيل عليہ السلام کي کارڪن جي ھڪ ٿيلھي ۽ پاڻيءَ جي سانداري ڏئي، کين خدا تعاليٰ جي حڪم تي ڇڏي واپس ھليو ويو. جڏھن پاڻي ختم ٿيو ۽ حضرت اسماعيل عليہ السلام اڃ کان لڇڻ لڳو، تڏھن بيبي ھاجره پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڊوڙڻ لڳي، ۽ صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ ست ڊوڙون پاتائين. حضرت اسماعيل عليہ السلام سخت اڃ جي حالت ۾ کرڙيون ھڻڻ لڳو. خدا جي قدرت سان ان ھنڌان پاڻيءَ جو چشمو ظاھر ٿي پيو. بيبي صاحبہ سانداريءَ ۾ پاڻي ڀري، حضرت اسماعيل کي پياريو ۽ پاڻ بہ پيتائين. چشمي جو پاڻي وھڻ لڳو تہ بيبي صاحبہ پاڻيءَ کي حڪم ڪيو تہ ”زم زم“ يعني ”بيھہ، بيھہ“؛ پوءِ ان چشمي تي نالو ئي پئجي ويو ”زم زم“. هيءُ لفظ بابلي ٻوليءَ جو آهي.