آتش زرتشت

آتشِ زرتُشت: زرتشت (660-583 ق.م) قديم ايراني مفڪر ۽ مذهبي پيشوا هو، سندس ٽن بنيادي رڪنن مان هڪ آتش زرتشت بہ هو، اهو باھہ کي مقدس ۽ پاڪ عنصر ڄاڻائي ٿو. ان کان علاوہ آتش زرتشت، اهڙي باھہ کي چون ٿا، جيڪا زرتشت ايران جي هڪ مندر ۾ پنھنجي هٿن سان روشن ڪئي هئي. هڪ روايت موجب جڏهن آخري نبي صلي عليہ وسلم جن جي پئدائش ٿي تہ آتشِ زرتشت خود بخود وسامي ويئي هئي! (وڌيڪ ڏسو: آتش پرست)


لفظ آتش زرتشتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو