
آتش فشان جو منظر
آتش فشان: ٻرندڙ جبل، جنهن جي اندران باھہ جا اُلا ۽ وگهريل مادو (لاوا- Lava) زور سان ٻاهر اُڀامي ۽ آسپاس جي جهنگن ۽ آباديءَ کي ڀسم ڪري ڇڏي. آتش فشان کي انگريزي ۾Volcano چوندا آهن. پر اهو اطالوي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ باھہ جو ديوتا آهي. جيئن تہ زمين جي اندر گرم ۽ پٽڙو مادو موجود هوندو آهي، جيڪو وقت بوقت زمين مان ڦاٽي نڪرندو آهي، پر جڏهن ان گرم مادي تائين پاڻي پهچندو آهي تہ اهو ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ٻاڦ ئي اها قوت آهي، جيڪا ٻين مادن ۽ گئس کي ٻاهر ڌڪيندي آهي، تنهنڪري جتان بہ کيس ٻاهر نڪرڻ لاءِ جاءِ ملندي آهي تہ ڌماڪا ڪري پاڻ سان گڏ زمين اندر زهريلين گئسن، پٿرن، وگهريل لوھہ ۽ گندرف بہ گڏ ڪڍندي آهي. اهڙي عمل بعد هو ٿڌو ٿي ڄمي ويندو آهي ۽ سالن جي وقفي بعد وري اهڙو عمل ٿيڻ ڪري جبل ٺھي پوندو آهي، جنهن جي مٿان هڪ چوٽي ٺھي ويندي آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Carter چون ٿا. ان ئي ڍير يا جبل کي آتش فشان چئبو آهي. دنيا ۾ ڪجهہ اهڙا بہ جبل ملن ٿا جيڪي هزارين سال اڳ ٻرندڙ جبل هئا، انهن کي هاڻي مردہ آتش فشان (Extinct) چيو وڃي ٿو. جاپان جو فيوجي جبل بہ ڪنهن زماني ۾ آتش فشاني ڪندو هو. ڪجهہ جبل ماٺيڻا هوندا آهن، جيڪي اندر ئي اندر اٻڙڪا کائيندا، پر ٻاهر لاوا نہ ڪڍندا آهن، تن کي خاموش يا Dromant چئبو آهي. پر اهڙن جبلن کي سمجهڻ ڏکيو هوندو آهي. ڇو تہ اٽليءَ جي شھر نيپلز ڀرسان موجود وسو ويو Visvvio جبل کي مردہ جبل قرار ڏنو ويو هو، پر اوچتو 1979ع ۾ ڦاٽي پيو ۽ سندس لاون سان پومپيا ۽ هرڪيونيم شھر بہ تباھہ ٿي ويا. هن وقت دنيا ۾ 1500 کن زندہ ٻرندڙ جبل موجود آهن، جن جو گهڻو تعداد انڊونيشيا ۾ آهي، جتي ٻہ سئو کن آتش فشان آهن. ان کان سواءِ اٽلي، چلي، جاپان ۽ اتر پورپ ۾ بہ ٻرندڙ جبل موجود آهن.