آتش نمرود

آتِش نمرودُ: بابل جي بادشاھہ نمرود طرفان حضرت ابراهيم عليہ السلام کي ساڙڻ جي ارادي سان ٻاريل باھہ. نمرود جو جوڙيل باھہ جو آڙاھہ، جيڪو هڪ فرسنگ (پراڻي وقت جي ماپ يعني 3 ميلن جي برابر) احاطي ۾ ٻارايو ويو هو. ان آڙاھہ جي گرميءَ ۾ ايتري تہ شدت هئي، جو چئن فرلانگن تائين ٿي پهتي. انهيءَ واقعي جو مڪمل تفصيل قرآن شريف ۾ بہ موجود آهي. انهيءَ آڙاھہ ۾ حضرت ابراهيم عليہ السلام کي وڌو ويو هو، جيئن تہ بابل جو بادشاھہ نمرود خدائيءَ جي دعويٰ ڪندو هو. ان کان سواءِ پاڻ ۽ سندس قوم بتن جي پوڄا بہ ڪندا هئا، جيڪا ڳالھہ حضرت ابراهيم کي پسند ڪا نہ هوندي هئي. پاڻ انهن کي منع ڪندو هو ۽ هڪ خدا جي عبادت ڪرڻ جي هدايت ڪندو هو. ليڪن بابل وارا باز نہ آيا. نيٺ هڪ ڏينهن حضرت ابراهيم وجهہ وٺي، سندن سڀئي بت ڀڃي ڇڏيا، جنهن تي نمرود ۽ سندس قوم مڇرجي پئي. بابل وارن مطالبو ڪيو تہ حضرت ابراهيم عليہ السلام کي، يا تہ قتل ڪيو وڃي يا کيس باھہ ۾ ساڙيو وڃي. نيٺ حضرت ابراهيم کي باھہ ۾ اڇلائڻ لاءِ تمام وڏو ڪاٺين جو ڍڳ تيار ڪيو ويو. اهو ڍڳ تيار ڪرڻ لاءِ هر شخص حصو ورتو، ايتري قدر جو عورتن پڻ پنھنجي خدائن کي راضي رکڻ لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪري اچي انهيءَ ڍير ۾ وڌيون. ڪيتري عرصي تائين ڪاٺيون گڏ ٿيڻ لڳيون. نيٺ هڪ جبل جيڏو آڙاھہ تيار ٿي ويو. ان کان پوءِ انهيءَ آڙاھہ کي باھہ ڏني وئي. ڪجهہ دير کان پوءِ، باھہ مان نڪرندڙ اُلا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ميلن تائين انهيءَ باھہ جي روشني ۽ گرمي پهچڻ لڳي. جڏهن سڀ بندوبست مڪمل ٿي ويو، تہ ان کان پوءِ حضرت ابراهيم جا هٿ ٻڌي، کيس انهيءَ آڙاھہ ۾ اڇلايو ويو. ڪافر تہ خوش هئا تہ سندن خدائن جو دشمن جلد ئي سڙي ختم ٿي ويندو، پر جيئن تہ حضرت ابراهيم جي دل ۾ ايمان جو نور ڀريل هو. ﷲ تعاليٰ جي هيڪڙائي تي پورو پورو ڀروسو هئس، تنهن ڪري ﷲ تعاليٰ هن کي بچائي ورتو. ﷲ تعاليٰ باھہ کي حڪم ڪيو، تہ اي باھہ ٿڌي ٿي وڃ ۽ ابراهيم تي سلامتي بڻجي پئه (سوره الانبياءَ) جنهن کان پوءِ باھہ ٿڌي ٿي وئي. ان جي گرمي ۽ تپش ڦري آرام ڏيندڙ هير بڻجي وئي. ڪجهہ ڏينهن کان پوءِ نمرود ۽ سندس ساٿي جاچ لھڻ لاءِ اتي پهتا، تہ هڪ عجيب نظارو ڏسي حيران رهجي ويا، ڇو تہ جنهن جاءِ تي آڙاھہ تيار ڪيو هئائون، سا جاءِ باغ بستان ۾ بدلجي وئي هئي. اتي ساوڪ ۽ گل ڦل لهرائي رهيا هئا. حضرت ابراهيم عليہ السلام کي نهايت خوش ۽ آرام سان پنھنجي ڪم ۾ مصروف ڏٺائون. ان معجزي کان پوءِ ڪيترائي ڪافر ايمان وارا ٿي ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو