آتش پرست

آتِش پَرَست: باھہ جي پوڄا ڪندڙ ماڻهو. قديم دور ۾، خاص طرح وچ مشرق ۾ باھہ (آتش) جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. قديم ايرانين باھہ کي طاقت جو مظهر تصور ڪندي، ان جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي. زرتشت جي مذهب جو بنياد بہ باھہ جي پوڄا تي ٻڌل هو. ايران جو ”برامڪه“ يا ”برمڪي“ گهراڻو باھہ جو پوڄاري هو. ڪي آريا قبيلا بہ جوت جا پوڄاري هئا، هندستان ۾ باھہ جي ديوتا جو نالو ”اگني“ آهي. اڄ بہ آتش پرستن جي ٽڪاڻن ۾ جوت هميشہ ٻرندي رهندي آهي. اسلام جي آمد کان پوءِ ايران مان لڏپلاڻ دوران ڪئين آتش پرست سنڌ ۾ سڪونت پذير ٿيا ۽ پنهنجا عبادت گهر قائم ڪيائون.
پارسي نسل جي انهن آتش پرستن کي سنڌ ۾ ”پارسي“ ۽ ڪي ماڻهو ”گبر“ بہ سڏيندا آهن. سنڌ ۾ اُهي گهڻو ڪري ڪراچي شھر ۾ رهندڙ آهن.


لفظ آتش پرستھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو