
آتش پرستي
آتش پرستي Fire Worship: تاريخ جي آغاز کان بہ اڳي باھہ جي اهميت ۽ قدر سبب ان جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. باھہ کي هڪ مقدس طاقت سمجهي ان کي هڪ ديوتا جهڙي اهميت ڏئي. پرستش ڪئي ويندي هئي. هندن جي قديم ويدن ۾ اگني ديوتا بابت بيان ملي ٿو. اگني ديوتا انسان ۽ ديوتائن وچ ۾ هڪ مقدس قاصد جي حيثيت رکندو هو. ديوتائن کي خوش رکڻ جي لاءِ، باھہ جي قربانيءَ جو عملي تصور وجود ۾ اچي چڪو هو. ان ڪري گهرن ۽ مندرن ۾ هميشہ باھہ کي روشن رکيو ويندو هو. اگني ديوتا ڏانهن منسوب ٿيل ڪيترن ئي ڀارتي مندرن ۾ باھہ کي قائم رکيو ويندو آهي. ان کان سواءِ زرتشت مذهب وارا پنھنجي آتشڪدي ۾ هميشہ باھہ کي ٻريل رکندا آهن. هابيل جي قربانيءَ جو تذڪرو واقعي ۾ پڻ باھہ جي ملي ٿو. قديم يوناني هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڏانهن يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن ويندا هئا، تہ پاڻ سان باھہ بہ ضرور کڻندا هئا. اولمپڪ راندين ۾، اولمپڪ مشعل کي روشن رکڻ جي پويان به، دراصل باھہ جي تقدس کي برقرار رکڻ جي معنيٰ سمايل آهي. ايران ۾ زرتشتين، باھہ جي پوڄا کي باقاعدي مذهب جي شڪل ڏئي ڇڏي هئي. هنن وڏا آتش ڪدہ تيار ڪيا، جن ۾ باھہ کي هميشہ روشن رکيو ويندو هو. هاڻي وري ايران ۾ پراڻا آتش ڪدہ آباد ٿي رهيا آهن. پارسي مذهب ايران ۾ ٻيهر ڪر موڙي رهيو آهي. دنيا ۾ جتي بہ پارسي آباد آهن، اهي باھہ جي پوڄا ڪندا آهن. پارسي مذهب ۾ باھہ کي مذهب جو روح ۽ مقدس ترين قوت سمجهيو وڃي ٿو. قديم اسرائيلي پڻ باھہ جي پوڄا ڪندا هئا، پر حضرت ابراهيم عليہ السلام پنھنجي پيغمبريءَ واري دور ۾ يهودين کي باھہ جي پوڄا کان منع ڪئي ۽ فقط ”يهودا“ يعني خدا جي عبادت جي تعليم ۽ ترغيب ڏني. قديم يوناني فيلسوفن ارسطو ۽ افلاطون هن دنيا جي هر شيءِ کي چئن عنصرن جي پيداوار قرار ڏنو آهي. انهن ۾ پاڻي، مٽي، هوا ۽ باھہ اچي ٿا وڃن پر ڪيترا فيلسوف باھہ کي تخليق جي سڀ کان وڏي قوت ٿا سمجهن. هن وقت انساني ذهن، مذهبي خيالن ۽ رسمن کان باغي ٿي رهيو آهي. ماديت پنھنجي عروج تي آهي. تڏهن بہ ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ زرتشتي پنھنجي مندرن ۾ باھہ جا آڙاھہ قائم ڪري ان کي هميشہ ٻريل رکندا آهن ۽ ان جي باقاعدي پوڄا ڪندا رهندا آهن. سنڌ ۾ ٻهراڙين ۾ چلھہ ۾ ٽاندو وسامڻ نہ ڏيندا آهن، بلڪہ رات جو ٽانڊو پوري ڇڏبو آهي ۽ صبح جو ڪک ڪهڄر وجهي ٽانڊي کي هوا هڻي يا ڦوڪ ڏئي باھہ ٻاربي آهي. اهو بہ لاشعوري طور باھہ جي تصور جي باقيات آهي.