
آتش ڪده
آتِش ڪَده: پارسين جي عبادتگاھہ، جتي سدائين باھہ ٻرندي رهندي آهي. ڪراچي شھر ۾ پارسي قوم جا آتش ڪدا موجود آهن. سنڌ ۾ قديم زماني ۾ آتش ڪدا هوندا هئا. اڄ بہ هندو مندرن ۾ ’اگني ڪنڊ‘ ٿئي ٿو، جنهن جي سنڌ جي صوفياڻن آستانن تي نئين سڃاڻپ ’مچ‘ آهي. مسلمان فقير انهن کي بزرگ هستين سان منسوب ڪندا آهن.