آتمارام لعلواڻي

آتِمارام لَعلواڻي: آتما رام پرمانند لعلواڻي، 21 اپريل 1924ع تي سکر (سنڌ) ۾ ڄائو. مئٽرڪ تائين تعليم پرايائين. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو، جتي مڌيه پرديش پرڳڻي ۾، بيتول گنج ۾، رهائش اختيار ڪيائين. سکر مان هفتيوار ”پرجا سماچار“ ۽ ماهوار ”فلم سنگيت“ شايع ڪندو هو. اسٽيج ناٽڪن: ”بدنصيب“، ”موهني“، ”ڳوڙهن جي برسات“ ۽ ”ڌنوانن جي دنيا“ ۾ اداڪاري ڪيائين. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: ڏيتي ليتيءَ جا ڏنڀ (1945ع)، دل جا دکڙا (1972ع)، زخمي انسانيت (1973ع)، انتظار (1974ع)، پلاسٽڪ جي پُتلي (1975ع) ۽ نم جي ڇانوَ ۾ (1979ع).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.04.21  عيسوي

آتما رام پرمانند لعلواڻي ، 21 اپريل 1924ع تي سکر ( سنڌ ) ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راسل پٽ وسايو
پاٽائي محمود صديقي
جان محمد عرف جهورو خان
شاھہ محمد صوفي
عطا محمد زوار
آغا سليم
شاھہ اسماعيل ڀڙي وارو
چندر گپت موريا
بشير احمد شاد ڊاڪٽر
ڀائي ڪلاچند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون