آتم تلريجا

آتم تلريجا: ليکڪ، اداڪار ۽ هدايتڪار. روهڙيءَ (سنڌ) ۾ 9 نومبر 1936ع تي جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم ورتائين. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو ۽ دهليءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن 40 کان مٿي سنڌي، هندي ۽ پنجابي ناٽڪن جھڙوڪ: ’مومل راڻو‘، ’سنڌين سنڌ ڇڏي‘، ’اَمي يا ممي‘، ’زال ڪري تال‘، ’الٽي گنگا‘، (سنڌي) ’پاڳل‘، ’اُلجهن‘، ’سوهڻي مهيوال‘ (هندي) ’چڪر په چڪر‘ ۽ ’بيبي بڻي ولايتي‘ (پنجابي) وغيرہ ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاري ڪيل اٿس. ان کان سواءِ آل انڊيا ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تان بہ گهڻائي ناٽڪ پيش ٿيل اٿس. ’ڪرائي ڪا مڪان‘، ’سنيوگ‘ ۽ ’خالي صاحب‘ هنديءَ سان گڏ ’بيبي بڻي ولايتي‘ (پنجابي) ۽ آل انڊيا سنڌي ناٽڪ چٽاڀيٽي 1978ع ۾ ’ڏوهي ڪير‘ ناٽڪن لاءِ بھترين اداڪاريءَ جو انعام حاصل ڪيائين. هن جو ديهانت 8 نومبر 2008ع تي 72 سالن جي عمر ۾ ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.11.09  عيسوي

آتم تلريجا روهڙيءَ ( سنڌ ) ۾ 9 نومبر 1936ع تي جنم ورتو .


2008.11.08  عيسوي

آتم تلريجا جو ديهانت 8 نومبر 2008ع تي 72 سالن جي عمر ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسرار لغاري
پليجو سسئي
زيب النساء
ڀاوناڻي موهن ديارام
دلاور خانجي
پرِيڊي ايڇ ڊبليو
ڊيموڪِرِيٽَس يوناني فلاسافر
خروشچيف
ارباب توڳاچي خانصاحب
ڄام لاکو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون