آتم ڀڳت

آتم ڀڳت

آتم ڀڳت

آتم ڀڳت: آتم ڀڳت ڀٽائيءَ جي راڳي موهن ڀڳت سان گڏ ڳائيندڙ ساٿي ۽ سندس ڀاءُ سروپ ڀڳت جو پاليل پٽ آهي. آتم ڀڳت 1975ع ڌاري مٺيءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري پڙهيل آهي، گهڙين جو ڪاريگر ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جو ملازم آهي. آتم ڳائڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. پنھنجي پيءُ سروپ ڀڳت ۽ چاچي موهن ڀڳت سان گڏجي ڳائيندو هو. هن موهن ڀڳت ۽ سروپ ڀڳت سان گڏ ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڪيترا پروگرام ڪيا. موهن ڀڳت ۽ سروپ ڀڳت جي وفات کانپوءِ پنھنجي ڀاءُ ۽ موهن ڀڳت جي پڳدار پُٽ شنڪر ڀڳت سان گڏجي ڳائيندو آهي. سندس آواز ۾ درد ۽ سوز سمايل آهي. پنھنجي وڏن کان مليل ڀٽائيرح جون وايون، ڪبير، ميران ۽ تلسي داس جا ڀڄن ڳائيندو رهي ٿو. ثقافت کاتي، ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جو رجسٽرڊ فنڪار آهي.


لفظ آتم ڀڳتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.00.00  عيسوي

آتم ڀڳت: آتم ڀڳت ڀٽائيءَ جي راڳي موهن ڀڳت سان گڏ ڳائيندڙ ساٿي ۽ سندس ڀاءُ سروپ ڀڳت جو پاليل پٽ آهي . آتم ڀڳت 1975ع ڌاري مٺيءَ ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم ساهڙ لنجار
احمد شيخ
خدابخش سومري جي درگاھہ
سيد قادر ڏنو شاھہ
قمر راڄپر
رامچندر ڀڳت
پاٽولي استاد عاشق حسين
رامچند اوڏ
شعيب اختر
صوف فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون