آتڻ ڍنڍ

آتڻ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ قمبر ضلعي جي ديھہ ۽ يوسي دوست علي ۾ واقع آهي. هن کي مياڻي ڪڙھہ بہ چوندا آهن. ڪنهن دور ۾ هتي پرڏيهي پکي جام ايندا هئا ۽ سياري ختم ٿيڻ کانپوءِ هليا ويندا هئا. سياري ۾ پکين جو سٺو شڪار ٿيندو هو. پکين جي مسلسل گهٽجي ويو آهي. هن وقت هن ڍنڍ ۾ مڇي کان علاوہ قم، ڪويڻون ۽ بھہ چڱي تعداد ۾ ٿيندا آهن ۽ مڇي بہ جهجهي تعداد ۾ مرندي آهي. هي ڍنڍ بہ فشريز کاتي وارن جي تحويل ۾ آهي ۽ سرڪار لاءِ سٺي آمدني جو ذريعو آهي. انگريز دور ۾ هي ڍنڍ وسيع ايريا ۾ پکڙيل هئي، پر هاڻي ڍنڍ جو گهڻو حصو زرعي آباديءَ ۾ اچي ويو آهي.


لفظ آتڻ ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو