آخري لفظ - ڪتاب

آخري لفظ - ڪتاب

آخري لفظ

آخري لفظ (ڪتاب ):’آخري لفظ‘ نامور شاعرہ شبنم گل جو شعري مجموعو آهي، جيڪو سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻي 1994ع ۾ ڇپرايو آهي. شاعرہ هن ڪتاب جو انتساب پنھنجي چاچي مرحوم شاھہ محمد جي نالي ڪيو آهي، ڪتاب ۾ زيب سنڌي ۽ ادل سومري جا رايا شامل آهن. غزلن ۽ نثري نظمن جو هي مجموعو 116 صفحن تي مشتمل آهي، ڪتاب ۾ شامل سندس طويل نظم خود ڪلامي سنڌي شاعريءَ ۾ جديد، منفرد ۽ خوبصورت اضافو آهي. شيخ اياز کيس جرئت مند شاعرہ سڏيو آهي. بئڪ ٽائيٽل تي شاعرہ جي تصوير سان گڏ سندس لکيل سٽون بہ شامل آهن. ڪتاب جي قيمت 35 روپيا لکيل آهي.


لفظ آخري لفظھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو