آخوند اقبال احمد: اقبال احمد'>آخوند اقبال احمد 1933ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. 1949ع ۾ پرڏيھي وزارت جي اعليٰ عھدي تي مقرر ٿيو. ڪئناڊا، سعودي عرب، اسپين، نيوزي لئنڊ، مصر ۽ ملائيشيا ۾ سفارتخانا سنڀاليائين. ھالئنڊ ۾ بيگم لياقت علي خان سفير ھئي تہ اقبال احمد'>آخوند اقبال احمد ان سان گڏ ھو. 1961ع ۾ جڏھن پرنس علي خان اقوام متحدہ ۾ مستقل نمائندو ھو، تڏھن اقبال آخوند بہ اقوام متحدہ ۾ ڪشمير جي مسئلي جي نمائندگي ڪري رھيو ھو. 1968ع ۾ متحدہ عرب جمھوريه ۾ ۽ 1976ع ۾ يوگوسلاويه ۾ پاڪستان جو سفير ۽ 1972ع ۾ اقوام متحدہ ۾ پاڪستان جو نمائندو مقرر ٿيو. اپريل 1976ع ۾ روڊيشيا ۾ اقوام متحدہ جي قائم ڪيل ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو ويو. سنہ 1976ع ۾ ٻارھن وڏن بين الاقوامي سفارتڪارن ۾ آخوند صاحب جو نالو بہ شامل ھو. 1988ع ۾ ان وقت جي وزيرا عظم محترمہ بينظير ڀٽي جي فرمائش تي پاڪستان ۾ موٽي آيو ۽ پاڪستان ۾ قومي سلامتيءَ جو مشير مقرر ٿيو. اقبال احمد'>آخوند اقبال احمد، ذوالفقار علي ڀُٽي سان ننڍپڻ کان ئي شناسا رهيو، ڇاڪاڻ جو سندس والد لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج ھو. آخوند صاحب پنھنجي پنجاھ سالن جي سياسي ۽ سفارتي يادگيرين بابت ھڪ ڪتاب “Memoirs of a Bystander-A life in Diplomacy”بہ لکيو. سال 1999ع ۾ گذاري ويو.
1924.00.00 عيسوي
آخوند اقبال احمد 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو .