آخوند حافظ ولي محمد: حافظ ولي محمد'>آخوند حافظ ولي محمد ولد آخوند حافظ حاجي محمد قاسم جي ولادت 17 جمادي الثاني 1274ھ/ 16 آڪٽوبر 1867ع اربع ڏينھن تي ھالن ۾ ٿي. قرآن شريف پنھنجي والد وٽ پڙھيائين. نھايت عبادت گذار، نيڪ ۽ پرھيزگار شخص ھو. مخدوم ظھيرالدين ھالائيءَ جا ڪپڙا سبندو ھو ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو استاد ھو ۽ کيس قرآن شريف جي تعليم ڏني ھئائين. آخوند صاحب ڪپڙي ۽ سون جو وڏو ڄاڻو ھو. پاڻ درزڪو ڪم به ڄاڻندو ھو. 30 محرم الحرام 1353ھ/ 15 مئي 1944ع تي ھالن ۾ وفات ڪيائين.
1944.05.15 عيسوي
آخوند حافظ ولي محمد 30 محرم الحرام 1353ھ/ 15 مئي 1944ع تي ھالن ۾ وفات ڪيائين.
1867.10.16 عيسوي
آخوند حافظ ولي محمد ولد آخوند حافظ حاجي محمد قاسم جي ولادت 17 جمادي الثاني 1274ھ/ 16 آڪٽوبر 1867ع اربع ڏينھن تي ھالن ۾ ٿي