آخوند شيخ ميان فيض

آخوند شيخ ميان فيض: مشھور عالم ۽ شاعر آخوند فيض محمد ولد آخوند فتح محمد فيبروري 1829ع ڌاري روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد وڏو عالم هو. آخوند فيض محمد پنھنجي ڪتاب ”نالہ زار“ ۾ پنھنجي خاندان متعلق لکيو آهي تہ پنھنجي والدين کان پڇيو اٿم تہ اسان جو وڏو ڏاڏو يا سڀ کان پهريون بزرگ شيخ دين محمد نالي هڪ نئون مسلمان هو. هو اصل ۾ روهڙي شھر جو هندو هو. هن بزرگ پنھنجي والدہ سان گڏ اسلام قبول ڪيو شيخ دين محمد جي يارهين پشت مان آخوند فيض محمد جو ڏاڏو شيخ محمد اڪرم وڏو عالم هو، جنهن جو روهڙيءَ جي مشھور ”خالدي قاضين واري مسجد“ ۾ مدرسو قائم ٿيل هو. آخوند ميان فيض محمد چوڏهن سالن جي عمر ۾ موچڪو ڪم سکيو، جنهن جو ذڪر هن پنھنجي ڪتاب ”نالہ زار“ ۾ پڻ ڪيو آهي. اهو دؤر سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن ۽ انگريزن درميان سياسي ڪشمڪش جو دؤر هو. هن موچڪي ڪم سکڻ کان پوءِ روهڙيءَ جي هڪ مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. عربي، فارسي ۽ ديني علمن سان گڏو گڏ رياضي، نجوم، ابجد، صرف و نحو، تاريخ ۽ جاگرافي وغيرہ ۾ مهارت حاصل ڪيائين. انهن علمن سان گڏ کيس سنڌي ۽ فارسي، نظم خواه نثر ۾ وڏو عبور حاصل هو، خوش نويسيءَ ۾ ماهر هو. خط نسخ ۽ نستعليق ۾ دسترس حاصل هئس ۽ انگريزي بہ چـڱي ڄاڻندو هو. تعليم جي حصول کان پوءِ درس وَ تدريس ڏيڻ شروع ڪيائين.
6 جولاءِ 1851ع کان هڪ سال تائين روهڙيءَ جي ڀرسان زميندار جانب ڌاريجي جي پٽ، الهڏني ڌاريجي کي مروج سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏيڻ لاءِ وٽس ملازم ٿي رهيو. سال بعد اتان ڇڏي روهڙيءَ جي ڪوٽ مير يعقوب عليءَ ۾ استاد ٿي رهيو. ان بعد جڏهن انگريزن سنڌ ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرايا ۽ ٽپال کاتي جو سرشتو شروع ٿيو تہ پاڻ خانگي نوڪري ڇڏي روهڙيءَ جي پوسٽ آفيس ۾”چالان نويس“ مقرر ٿيو،ڪجهہ عرصي بعد اها نوڪري ڇڏي روهڙيءَ بندر تي ”ناڪي منشي“ مقرر ٿيو. ان دوران انگريز عملدارن سر بارٽل فريئر، ميجر گولڊ اسمٿ ۽ آر-ڪوپر وغيرہ سان سندس دوستانه تعلقات قائم ٿيا. سر بارٽل فريئر سندس علمي قابليت ڏسي 1885ع ۾ ناڪي منشي تان بدلي ڪري کيس روهڙي شھر جي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪرايو. جتي باقي زندگي علم ڏئي رٽائر ٿيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ روهڙي شھر ۾ مڪتب کوليائين ۽ ڪجهہ عرصو سول ڪورٽ جي ڀرسان عريضي نويسيءَ جو ڪم ڪيائين، جنهن جو مئجسٽريٽ کان سرٽيفڪيٽ مليل هئس. پاڻ نقشبندي طريقي جي سلسلي سان منسلڪ هو ۽ درگاھہ
شاھہ لطيف ڀٽائيءَ جي سجادہ نشين پير ميان مدد علي شاھہ جي هٿ تي بيعت ڪري مريد ٿيو هو. کيس نرينو اولاد ڪو نہ هو ۽ هن زال کي بہ طلاق ڏئي ڇڏي، ان ڪري زندگيءَ جا پويان ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ گذاريائين. سندس تصنيفن مان نالہ زار (قلمي)جيڪو فارسيءَ ۾ آهي ۽ ’ڪريما سعدي‘ (قلمي) جيڪو سعديرح جي ”ڪريما“ جو منظوم ترجمو آهي. ان کانسواءِ سندس قلمي صورت ۾ ڪيترائي سنڌي اردو ۽ فارسيءَ ۾شعر ملن ٿا، هن ڪيترن عالمن جي وفات تي قطعه تاريخون چيون. 1903ع ڌاري وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو