آخوند عبدالرحمان چانڊيو: آخوند عبدالرحمان چانڊيو، تعلقي قمبر ۾ نواب غيبي خان چانڊيي جي جاگير جو رهاڪو هو. اندازً 74-1272ھہ/57-1855ع ڌاري ڄائو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد شاگردن کي پڙهائيندو هو. ڪافي گو شاعر هو. ڪافيءَ سان گڏ هنر،سينگار ۽ ٽيھہ اکريءَ وغيرہ صنفن ۾ بہ شاعري ڪيائين. سندس ڪلام مشھور شاعر، شاھہ محمد ديدڙ جي تتبع تي چيل آهي. هن 1346ھہ/1927ع ۾ وفات ڪئي .
1855.00.00 عيسوي
آخوند عبدالرحمان چانڊيو 4-1272هه/57-1855ع ڌاري ڄائو .
1927.00.00 عيسوي
آخوند عبدالرحمان چانڊيو 1346هه/1927ع ۾ وفات ڪئي .