آخوند عبدالقادر ”بيدل“: آخوند عبدالقادر ”بيدل“ ولد محمد پناھہ ڀٽو، پنھنجي وقت جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي. سندس جنم 1837ع ۾ ٿيو، هن شڪارپور جي مشھور عالم خليفي عبدالله کان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. شمس الدين ”بلبل“ جي ديوان تي سندس لکيل قطع تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ پاڻ پنهنجو خانگي مدرسو هلائيندو هو. بيدل صاحب خليفي قاسم جي دور کان وٺي ميان محمد علي قادري صاحب جي دؤر تائين زندہ رهيو، سندس شاعرن سان سٺا ناتا رهيا. ڪڏهن ڪڏهن ’بزم مشاعره‘ ۾ شريڪ ٿيندو هو. 1921ع ۾ پهرين ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻي ۾ بہ شريڪ ٿيو هو. سندس وصال 7 فيبروري 1932ع تي ٿيو.
1837.00.00 عيسوي
آخوند عبدالقادر ” بيدل “ جنم 1837ع ۾ ٿيو.
1932.02.07 عيسوي
آخوند عبدالقادر ” بيدل “ 7 فيبروري 1932ع تي ٿيو.