آخوند فضل عليءَ وارو شاھہ جي رسالي جو قلمي نسخو

آخوند فضل عليءَ وارو شاھہ جي رسالي جو قلمي نسخو: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو هيءُ قلمي نسختو، تاريخ 17 ذوالحج 1269ھہ مطابق 21 سيپٽمبر 1853ع تي آخوند فضل علي ولد محمد حافظ نصرپوريءَ لکي پورو ڪيو.35 سُرن ۽ آخر ۾هڪ ٽيھه اکريءَ تي مشتمل ھن مڪمل نسخي ۾ 2909 بيت ۽ 220 وايون شامل آھن. ھن نسخي ۾ ”سر سھڻيءَ“ تائين ھر داستان کي جدا عنوان سان نروار ڪيو ويو آھي، جھڙوڪ: ”سر ڪلياڻ“ کي ”دويم در داستان اگهي اگهائي“: ”سر جمن“ کي ”پنجم در داستان قرب ڪبريا“: ”سرود سوھڻيءَ“ کي ”ششم در داستان ساھڙ جا سينگار“ وغيرہ. ”سر ڪلياڻ“ سان شروع ٿيندڙ رسالن ۾، سنہ 1269ھ/ 1853ع جو لکيل ھيءُ رسالو، ٻئي نمبر طور آڳاٽو شمار ڪيو ويندو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو