آخوند فقير محمد عاجز

آخوند فقير محمد ”عاجز“: آخوند حاجي فقير محمد ولد آخوند محمد موسيٰ قريشي، 9 مارچ 1846ع/4 شوال 1263ھہ تي حيدرآباد جي شيراڻي محلي ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل مسقط (گڏيل عرب امارات) جا هئا، جيڪي عربن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهيا.
آخوند فقير محمد، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مير حسن علي خان ٽالپر جي معرفت تپيدار ٿيو، پر سرڪاري نوڪريءَ ۾ دل نہ لڳڻ سبب جلد ئي استعيفا ڏئي مطالعي ۾ عالمن ۽ اديبن سان وقت گذارڻ لڳو. سندس سموري زندگي درس ۽ تدريس ۾ گذري. پاڻ بھترين شاعر ۽ مضمون نگار هو. مير عبدالحسين خان ”سانگيءَ“، سيد غلام محمد شاھہ، ”گدا“، مرزا قليچ بيگ، حافظ حيات شاھہ، محمد بخش ”واصف“ ۽ ٻين سان ڪچهريون ڪيائين، جن جو پنهنجن غزلن ۾ بہ ذڪر ڪيو اٿس. شاعريءَ ۾ هڪ ديوان ۽ هڪ مثنوي سندس يادگار آهن. ان کان سواءِ پاڻ، حافظ شيرازيءَ جي ڪجهہ غزلن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو بہ ڪيو اٿس. نثر ۾ سندس ڪتاب ”داستان گلشن بھار“ هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو. آخوند صاحب 16 جنوري 1918ع/28 ربيع الاول 1336ھہ تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1846.03.09  عيسوي

آخوند فقير محمد ” عاجز “ 9 مارچ 1846ع/4 شوال 1263هه تي حيدرآباد جي شيراڻي محلي ۾ ڄائو .


1918.01.16  عيسوي

آخوند فقير محمد ” عاجز “ 16 جنوري 1918ع/28 ربيع الاول 1336هه تي وفات ڪئي .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ائنا اخمتووا
سرويچ سجاولي
شاعر
جواد جعفري
تراب بروهي
ابو ضلع السندي
عبدالله راهي لکوي ميان
پير اشرف شاھ ڪاماري وارو
شير محمد لغاري
شفيع محمد ٻگهيو استاد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون