آخوند نور محمد ڀٽي

آخوند نور محمد ڀٽي: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو استاد، آخوند نور محمد ڀٽي پنھنجي دؤر جو پرهيزگار مُعلِم ٿي گذريو آهي. آخوند نور محمد ڀٽي سنڌ جي هن ڀٽائي صاحب جي ننڍپڻ ۾ کيس قرآن شريف جي تعليم ڏني. ميون نور محمد ڀٽي، گنبٽ جي ڏيرن واري راڄ ويجهو ”وانئين“ جو ويٺل هو ۽ شاھہ حبيب جو محبتي ۽ معتقد هو. شاھہ حبيب پنھنجي فرزند شاھہ عبداللطيف جي تعليم لاءِ کيس گهرائي پاڻ وٽ رهايو هو. هن شفيق استاد پنھنجي سعادتمند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪرائي، ان بعد سندس وڌيڪ تعليم جو سلسلو جاري نہ رهيو، پر ميين نور محمد، شاھہ حبيب وٽ پيو ايندو هو. شاھہ عبداللطيف جڏهن ڀِٽ کي وسايو تڏهن پنھنجي استاد ميون نور محمد کي سڏائي کيس سندس اوطاق لِيڪي ڏنائين ۽ ڀٽ تي پاڻ وٽ رهايائين. آخوند نور محمد ڀٽيءَ جي ولادت ۽ وفات جي تاريخن بابت تاريخ ۾ ڪي واضح شاهديون ڪو نہ مليون آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکت موجب: ڀٽ تي آخوند صاحب جي اوطاق جا نشان 1954ع تائين موجود هئا، پر انهيءَ سال درگاھہ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستي کي سرڪار طرفان ڪشادي ڪرڻ وقت اها ’ميين جي اوطاق‘ ڊهرائي وئي. ’ميين جي اوطاق‘ ۾ هڪ ’دِڪي‘ ٺهيل هئي، جيڪا چُن َ سان لتل هئي. شايد شاھہ صاحب جڏهن پنھنجي استاد وٽ ايندو هو تہ ان دِڪيءَ تي ويهندو هو.آخوند نور محمد جي پٽ، ميين ولي محمد جي پڻ ڀٽائي صاحب وٽ وڏي عزت هئي، ايتري قدر جو وفات بعد ميين ولي محمد ئي شاھہ صاحب کي غسل ڏياريو ۽ جنازي نماز پڙهائي هئي.


لفظ آخوند نور محمد ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو