آخوند هدايت الله مشتاق هالائي

آخوند هدايت الله ”مشتاق“ هالائي: آخوند هدايت الله ولد عبدالله ميمڻ 1286هه/ 1869ع ۾ هالا تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس وڏا ڪورڪي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ديني درس به ڏيندا هئا. پاڻ سٺو شاعر هو. ان سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم به ڪندو هو. اکر تمام سهڻا هئس، ان ڪري ڪتابت پاڻ ڪندو هو. 1894ع ۾ سندس لکيل ڪتاب ”هدايت الانشاء“ ڇپيو، جيڪو خطن تي مشتمل هو. 66 سالن جي ڄمار ۾ 21 جون 1935ع پهرين ربيع الثاني 1354 هه تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1869.00.00  عيسوي

آخوند هدايت الله ” مشتاق “ هالائي 1286هه/ 1869ع ۾ هالا تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو


1935.06.21  عيسوي

آخوند هدايت الله ” مشتاق “ هالائي 21 جون 1935ع پهرين ربيع الثاني 1354 هه تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوامي تلوڪداس
جمن شاهه جيلاني
شيوڪرام عطارد ٺٽوي
جعفري ضمير
ابن حيات پنهور
آغا روشن علي پٺاڻ
حافظ رفيق احمد انڍڙ
سيد محمد علي شاهه
سردار سلطان احمد خان
درويش شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون