آدمجي حاجي دائود

آدمجي حاجي دائود

آدمجي حاجي دائود

آدمجي، حاجي دائود: حاجي دائود 30 جون 1880ع تي گجرات (ڀارت) ۾ ڄائو. سندس تعلق ميمڻ برادريءَ جي باواني خاندان سان آهي. سندس والد جو نالو حاجي دائود ۽ والدہ جو نالو حنيفہ ٻائي هو. سندس تعليم محدود هئي ۽ کيس پنھنجي انهيءَ گهٽتائيءَ جو احساس هميشہ رهيو، جنهن جي ازالي لاءِ هن بھترين تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. آدمجي 15 سالن جي عمر ۾ برما هليو ويو، جتي هڪ فرم ۾ 25 روپيا ماهوار معاوضي تي ملازم ٿيو. 18 سالن جي عمر ۾ شاديءَ کان پوءِ پنھنجي والد جي ڪاروبار ۾ مدد ڪرڻ لڳو. 1899ع ۾ هن ”حاجي دائود بيگ محمد“ جي نالي پنھنجي ذاتي فرم کولي. 1912ع ۾ پنھنجي ڀاءُ عبدالستار جي تعاون سان ڪاروبار وڌايائين ۽ رنگون ۾”اي. ايس. آدمجي ائنڊ ڪمپنيءَ“ جي نالي سان هڪ نئين ڪمپني کوليائين. 1933ع ۾ ”ميمڻ ايڊيوڪيشنل ائنڊ ويلفيئر سوسائٽي“ قائم ڪيائين.
تحريڪ پاڪستان جي حوالي سان سر آدمجيءَ کي وساري نٿو سگهجي. مسلمانن جي مالي مدد ۾ پئسو پاڻيءَ وانگر وهايائين. 1946ع ۾ جڏهن مسلم ليگ اعلان ڪيو تہ مسلمان پنهنجا سرڪاري خطاب واپس ڪن تہ سر آدمجيءَ بہ پنهنجو ”سَر“ جو خطاب انگريز سرڪار کي واپس ڪري ڇڏيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ آدمجي لڏي ڪراچيءَ آيو، ۽ اچڻ سان ئي ”ڌمي ٻائي گرلز اسڪول“ جي عمارت ٽن لکن روپين ۾ خريد ڪري، ”ميمڻ ايڊيوڪيشنل ائنڊ ويلفيئر سوسائٽيءَ“ کي بورڊنگ هائوس لاءِ وقف ڪيائين. پوءِ ”مسلم ڪمرشل بئنڪ“ قائم ڪيائين. ”آدمجي سائنس ڪاليج“ بہ سندس ڪوششن جو نتيجو آهي. 27 جنوري 1948ع تي وفات ڪري ويو. ڪراچيءَ ۾ مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.06.30  عيسوي

آدمجي ، حاجي دائود 30 جون 1880ع تي گجرات ( ڀارت ) ۾ ڄائو .


1948.01.27  عيسوي

آدمجي ، حاجي دائود 27 جنوري 1948ع تي وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليل مورياڻي
حنيف محمد
آڏواڻي ڀيرو مل مهرچند
عبدالخالق راز سومرو ڊاڪٽر
اي شاھہ شڪارپوري
صديقي جھانگير
ظفر علي لغاري
درويش دائود 1
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ
رُٿ فاءَ، ڊاڪٽر Dr. Ruth Pfau
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون