آدم خان رند

آدم خان رند: تحريڪ پاڪستان جو هيءُ سرگرم ڪارڪن، ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ جعفرآباد ۾ 1908ع ۾ ڄائو. سندس نسبي سلسلو ”مير گگهي رند“ سان ملي ٿو، جيڪو شهنشاھہ همايون سان گڏ دهليءَ ويو هو. آدم خان جو ڏاڏو جعفرخان رند انگريزي فوج ۾ رسالدار (هڪ سئو سپاهين جو آفيسر) هو. کيس قابل قدر خدمتن سرانجام ڏيڻ تي انگريزن جاگير عطا ڪئي، جيڪا جيڪب آباد، آباد ٿيڻ کان پوءِ ’جعفرآباد‘ جي نالي سان ڳوٺ طور مشھور ٿي.
آدم خان جو وڏو ڀاءُ خان بھادر سعيد خان بہ ڪنڌڪوٽ جو وڏو جاگيردار ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو. خان رند'>آدم خان رند، تحريڪ پاڪستان ۾ مسلم ليگ جو ساٿ ڏنو ۽ ڀرپور حصو ورتائين. 1946ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. هن جي اثر سبب ڪانگريس کي ڪنڌڪوٽ ۾ پکڙجڻ جو موقعو نہ مليو. 1968ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.00.00  عيسوي

آدم خان رند ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ جعفرآباد ۾ 1908ع ۾ ڄائو .


1968.00.00  عيسوي

آدم خان رند 1968ع ۾ وفات ڪئي.



سياسي ۽ سماجي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بقادار شاھہ سيد
آغا تيمور خان پٺاڻ
امجد حسين شاھہ جيلاني
اعجاز جکراڻي
آصف بالادي
الاهي بخش پير
ايوب کهڙو
بچاڻي شمشاد بيگم
آدم خان رند
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
سياسي ۽ سماجي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون