آدم خان مري: ٽنڊي آدم شھر جو باني رئيس خان مري'>آدم خان مري هو، جنهن 1211ھہ/ 1799ع ۾ وفات ڪئي. خان مري'>آدم خان مري اصل ”کپري“ شھر ڀرسان منٺار فقير راڄڙ جي ڳوٺ کاڻي راڄڙ وٽ رهندڙ هو. آدم خان جو والد قائم خان مري ۽ ڏاڏو بھار خان مري بہ اُتي ئي سندن آبائي قبرستان ۾ دفن آهن. آدم خان جي وفات بابت روايت آهي تہ کيس پنھنجي ذات وارن، ڳوٺ شاھہ بيگ مريءَ وٽ شھيد ڪري ڇڏيو، ڇوته آدم خان، بهادر، خوددار ۽ سخي مرد هو ۽ وقت جي حاڪمن ۽ راڄن ۾ سندس عزت هئي، جيڪا ڳالھہ سندس ذات وارن کان برداشت نہ ٿي ٿي. دم خان بي اولاد گذاري ويو، ان ڪري رئيس قائم خان جي چاچي ڪمال خان کي پڳ ٻڌائي وئي. ڪمال خان جو اولاد ٽنڊي مستيءَ خان ۽ ٽنڊي آدم ۾ موجود آهي.
1796.00.00 عيسوي
ٽنڊي آدم شهر جي باني رئيس آدم خان 1211هه/ 1799ع ۾ وفات ڪئي .