آدم خان پنهور

آدم خان پنهور: آدم خان پنھور، جيڪب آباد ۾ 1908ع ۾ ڄائو. هي پنھور قبيلي جو سردار ۽ پڳ ڌڻي هو. آدم خان جي ڏاڏي مُلا حامد، جيڪب آباد جي اندرئين علائقي ۾ ٿوري زمين خريد ڪئي ۽ سمورو قبيلو لڏي جيڪب آباد اچي ويٺو. تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1946ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ کي جيڪب آباد مان کٽرائڻ ۾ هن جو وڏو هٿ هو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ مسلم ليگ ضلعي جيڪب آباد جو نائب صدر چونڊيو ويو. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو به ميمبر ٿيو. جيڪب آباد ۾ هڪ مسافرخانو ٺھرايائين. هر قومي فنڊ ۾ پنھنجي حال آهر حصو ڏيندو هو. کيس شڪار ۽ گهوڙي سواريءَ جو گهڻو شوق هو. هن 1958ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ آدم خان پنهورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.00.00  عيسوي

آدم خان پنھور، جيڪب آباد ۾ 1908ع ۾ ڄائو.


1958.00.00  عيسوي

آدم خان پنهور 1958ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر
ڪامران ڀٽي
علي مراد ٽانوري
پلي درويش
راز عبدالخالق سومرو
رانڪ رشيد خان ڪلهوڙو
آريسر واھي فقير
ڄاموٽ سيد ذوالفقار علي شاهه
ڊاڪٽر ريمنڊ آلچن
ڄام غلام قادر خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون