آدم شاھہ ڪلهوڙو: ميان آدم شاھہ، سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن جو اڳواڻ هو. هو ميران محمد جونپوريءَ جي طريقت جو پوئلڳ هو. هن سنڌ ۾ ”مھدوي فڪر“ کي زور وٺرايو ۽ پنھنجن مريدن جو حلقو وڌايائين. ميان آدم شاھہ ”چانڊڪا“ (لاڙڪاڻي) جي ”هٽڙي“ ڳوٺ ۾ پنھنجو مرڪز قائم ڪيو، جتي ابڙي قبيلي جي سردار ”کٻڙ“ کيس زمينون نذراني ۾ ڏنيون. کٻڙ، ميان جو خاص مريد هو. اڪبر بادشاھہ جو سپه سالار عبدالرحيم خان خانان، جڏهن سنڌ کي فتح ڪرڻ آيو تہ ميان صاحب جي بزرگيءَ جي واکاڻ ٻڌي ۽ ميان صاحب جي لنگر جي خرچ لاءِ ”چانڊڪا“ جو پرڳڻو کيس جاگير ۾ ڏنائين. اهڙيءَ طرح ميان آدم شاھہ جي جماعت ۽ مريد طاقت وٺندا رهيا ۽ آسپاس جي زميندارن ۽ جاگيردارن خلاف جدوجھد ڪندا زمينون هٿ ڪندا رهيا. ميان جو حڪم هو تہ فقط ڏنڊا هڻو، تير يا تلوار استعمال نہ ڪريو. اهو ئي سبب هو، جو ڏنڊو ميان جو خاص نشان بڻجي ويو. اڄ بہ سندس مقبري تي ڏنڊا رکيل آهن. اڪبري درٻار ۾ سندس خلاف زميندارن ۽ مٺگهرن ماڻهن طرفان شڪايتون پھچايون ويون ۽ ملتان جي حاڪم اهڙين بي انداز شڪايتن جو بھانو بنائي ميان آدم شاھہ کي گرفتار ڪرائي ملتان ۾ قيد ڪيو ۽ بعد ۾ کيس 1600ع ۾ شھيد ڪرائي ڇڏيو. شھادت کانپوءِ سندس مڙھہ ملتان مان آڻي سکر ۾ واقع ٽڪريءَ تي دفنايو ويو، جنھن کي بعد ۾ آدم شاھہ جي ٽڪري ڪري سڏيو ويو. مقبرو چوڪنڊو آھي. ٻاھران سندس ماپ 29.8 x 29.8 فوٽ آھي، ۽ اوچائي 42.6 فوٽ آھي. دروازي جي ماپ 8.5 فوٽ آھي. ڪلهوڙا دور جي ھيءَ اڏاوت ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي ٺھرايل آھي. ملتان جي نواب محمد آقا، ميان صاحب کي 1600ع ۾ شھيد ڪرايو. انگريزن طرفان 1890ع کان 1914ع تائين ھن زيارت گاھہ تي بندش پيل ھئي. ھن مقبري جي وقت بہ وقت مرمت ٿيندي اچي ٿي. مقبري ۾ اندر ٽي قبرون ٻيون بہ آھن. آدم شاھہ جي قبر جي اڀرندي طرف اڪرم شاھہ جي قبر آھي، چون ٿا تہ اڪرم شاھہ آدم شاھہ جو ڀاءُ ھو. ٻي قبر تي ڄام فيروز ٽالپور جي نالي جو ڪتبو لڳل آھي، جنھن تي وفات جي تاريخ 1214ھہ/1799ع لکيل آھي. ٽين قبر شھباز خان ”گل انداز“ (گولا انداز) جي آھي، جيڪو اصل حيدرآباد جو ويٺل ھو. ان کانسواءِ آدم شاھہ سان گڏ شھيد زندہ بن مستي جويي جي قبر بہ موجود آهي.
1600.00.00 عيسوي
ملتان جي حاڪم ميان آدم شاهه کي گرفتار ڪرائي ملتان ۾ قيد ڪيو ۽ بعد ۾ کيس 1600ع ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو .