آدم عليه السلام: اسلامي عقيدي موجب پھريون انسان، جنھن مان پوري انسان ذات وڌي ۽ ويجھي. دنيا جا ڪروڙين انسان ان جو اولاد آھن. قرآن شريف ۾13 جاين تي آدم عليه السلام جو ذڪر آيو آھي. الله تعاليٰ کيس زمين تي پنھنجو خليفو بنايو ۽ سڀني فرشتن کي ان جي سامھون جھڪڻ جو حڪم ڏنو، ڇو ته کيس ھر شيءِ جو نالو سيکاريو ويو ھو، يعني کيس ”علم اسماء“ عطا ٿيو ھو. منع ڪيل وڻ جو ميوو کائڻ سبب حضرت آدم ۽ ان جي زال بيبي حوا کي زمين تي لاٿو ويو. زمين جي جسماني زندگي گذارڻ، آدم جي نسل لاءِ امتحان ھو، کين حڪم ھو ته جيڪڏھن خدا جي عبادت ۽ حڪمن جي پابندي ڪندا ته قيامت جي ڏينھن وڏي ۽ دائمي جزا (جنت) حاصل ڪندا. ۽ جيڪڏھن ڪفر ۽ نافرماني ڪندا ته ان جي سزا دوزخ ٿيندي. حضرت آدم کي عام طور پھريون نبي مڃيو ويو آھي، جڏھن ته شريعت خداونديءَ جي شروعات حضرت نوح عليه السلام کان ڪئي وئي آھي. يھودي ۽ نصارا به آدم عليه السلام کي سڀني انسانن جو پيءُ مڃين ٿا. بائيبل ۾ آدم جي ڪھاڻي، پيدائش کان وٺي عدن جي باغ مان بيبي حوا سميت نڪرڻ تائين بيان ڪيل آھي. سينٽ پال (St. Paul) جي چوڻ مطابق آدم عليه السلام، انسان جي زميني حيثيت جو مظھر ھو. آدم عليه السلام جي ڪھاڻيءَ جو لاڳاپو بائيبل جي قصن ڪھاڻين جي تخليق سان ڪيو وڃي ٿو.
عام مذھبي روايتن مطابق، حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي بھشت مان تـڙائڻ ۾ ”نانگ“ جو وڏو ھٿ ھو، جنھن جي ورغلائڻ تي منع ٿيل وڻ جو ميوو کائڻ بعد بھشت مان تـڙجي ويا. سنڌ ۾ عام روايت آھي ته حضرت آدم، سنڌ جي ڪڇ واري حصي ۾ لٿو، جتي ”حضرت آدم جي ٻني“ اڄ تائين مشھور آھي ۽ ان جوءِ ۾ احترام طور ھر ڏيڻ جي منع آھي. ٻني 40 کن ڳوٺن تي مشتمل علائقو آهي ۽ اتي وڏا چراگاهه آهن. هي علائقو هن وقت ڀارت (ڪڇ) ۾ آهي. ڪن جو چوڻ آھي ته سرانديپ (سري لنڪا) آدم جي لھڻ جو مقام ھو. (ڏسو: ”آدم جي چوٽي“)