
آديسين ادب، آهي اکڙين ۾
آديسين ادب، آهي اکڙين ۾ (ڪتاب): لطيف شناسيءَ تي مشتمل هيءُ ڪتاب پروين موسيٰ ميمڻ جي تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ صاحب جا اهي بيت، داستان ۽ سُر جي حوالي سان پيش ڪيا ويا آهن، جن بيتن مان سنڌي ادب جي ڪتابن جا عنوان چونڊيل آهن. جيئن: ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ (ناول) ۽ ‘اندر جنين اڌ’ (سفرنامو). اهڙيءَ ريت شاھہ صاحب جي بيتن مان چونڊيل عنوانن تي مشتمل سنڌي ادب جي ڪتابن جي موضوع وار ناٽڪن، ناولن، افسانوي مجموعن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ متفرقه موضوعن جا ڪتاب آهن. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ۽ ڊاڪٽر نور افروز خواجہ جا رايا شامل آهن. ڪتاب جي ارپنا انهن آديسين جي نالي آهي، جيڪي لطيفي فن ۽ فڪر جو ذوق ۽ شوق رکندڙ ۽ هن ڏس ۾ راهون روشن رکندڙ آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2008ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2009ع ۾، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ طرفان ڇپيو. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 150 صفحا ۽ قيمت 150 روپيا آهي.