آديسي اٿي ويا-ڪتاب

آديسي اٿي ويا-ڪتاب

آديسي اٿي ويا

آديسي اٿي ويا (ڪتاب ):نامور اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق جي تصنيف ٿيل هن ڪتاب ۾ سنڌ جي انهن مشهور شاعرن زندگي جو ذڪر ۽ سندن ڪلام جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪيل آهن، جيڪي اڪثر غزل جا شاعر آهن ۽ پنهنجي دؤر جا مشهور شاعر رهيا آهن. انهن ۾ محمد عاقل عاقلي، مولوي احمد ملاح، حافظ حيات شاهه، محمد صديق مسافر، چند مجروح'>لعل چند مجروح، ڪشنچند بيوس، حافظ عبدالله ’بسمل‘، آغا غلام نبي صوفي، حيدر بخش جتوئي، لطف الله بدوي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، خليفو محمد اختر هالائي ۽ ٻيا شاعر شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب هي ڪتاب بشير حامد ناز، پريس مان ڇپرائي، ڪافي پبليڪيشن، C-71 اسٽاف ٽائون ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پڌرو ڪيو. 112 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت پنج روپيا آهي ۽ 1981ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو