آرائين

آرائين: لوڪ ثقافتي ڪردار. آڳاٽي زماني ۾ خصوصاً سنڌ جي ٻھراڙين ۾، بسنت جي ڏڻ اچڻ تي مڱڻھار فقير موتئي جي گُلن ۽ سرنھن جي پيلن گلن جون جهوليون ڀري، دھلن دمامن سان گهر گهر بھار جي آمد جون واڌايون ڏيندا ھئا. اھڙيءَ طرح بھار جي آمد جو اعلان ٿي ويندو ھو. موٽ ۾ ماڻھو فقيرن کي ان، اٽو، يا روڪڙا پئسا، گهور طور ڏيندا ھئا. انھن مڱڻھار فقيرن کي ’آرائين‘ چيو ويندو ھو. ھن وقت اھا رسم ختم ٿي چڪي آھي.
”عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن، آيو جهول ڀري!““
ڪـــوئـــي ڪــيــئــن ڪـــري (شيخ اياز)


لفظ آرائينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو