آرائين (ذات)

آرائين2: سنڌ ۾ رھندڙ ھڪ ذات جو نالو. پنجاب ۾ ”آرائينذات جا تمام گهڻا ماڻھو آباد آھن. سنڌ ۾ بہ پنجابي آرائين وڏي تعداد ۾ موجود آھن، جيڪي گهڻوڪري درگاھ اچ شريف جا مريد آھن. آرائين عام طرح باغن ھڻڻ يا بَڪر ڀاڄي ۽ گلن پوکڻ جو ڪم ڪن. مشھور صوفي شاعر بلا شاھہ، شاھہ عنايت آرائينءَ جو مريد هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو