آراراط ڪوھہ

آراراط ڪوھہ: ٻن چوٽين تي مشتمل آهي. ٻنهي جي وچ ۾ ستن ميلن جو مفاصلو آهي. وڏي چوٽي 16945 فٽ ۽ ننڍي 12877 فٽ آهي. انهن ٻنهي ڀرسان ٻي ڪا بہ ايڏي وڏي چوٽي نہ آهي. ٻئي ٽونڪ لاوي ۽ جوالا مکي سان ٺهيل آهن. پر اڄ ڪلھہ برف سان ڍڪيل آهن. هن جي آس پاس چراگاھہ آهن. جتي ڪرد، ڌراڙ جانور چاريندي نظر ايندا آهن. آراراط جو نالو سڀ کان پهريائين بائبل ۾ ملي ٿو. ان متعلق چيو وڃي ٿو تہ نوح جي طوفان بعد ”نوح جي ٻيڙي“ ”آرڪ“ هن جبل جي چوٽي تي اچي بيٺي هئي. بائبل ۾ آهي تہ ”ستين مهيني جي سترهين تاريخ تي آراراط جي جبل تي اچي بيٺي“
هن کي ڪوھہ جودي ۽ جبل الحارث بہ چوندا آهن. جودي جو پراڻو نالو اغري تاغ هو. ابن قتيبه، آراراط کي ئي ڪوھہ جودي چيو آهي. سڪندر اعظم جي دور جو ليکڪ برومس لکي ٿو تہ ” ڪوھہ جودي جي چوٽي تي ٻيڙي جا آثار بہ مليا آهن. ابن بطوطه (725ع) ۾ بہ هن جي زيارت ڪئي هئي.
اڄ بہ هزارن ماڻهن جو يقين آهي تہ آراراط جي برف جي چوٽين هيٺان هزار سال پراڻي نوح جي ٻيڙي آهي. آرمينا جا ماڻهو انهيءَ ڳالھہ تي يقين رکن ٿا تہ نوح جي طوفان بعد دنيا ۾ آباد ٿيڻ واري پهرين قوم آرمينا ئي آهي. آراراط جي ڪڇ ۾ هڪ واهڻ ”آگري“ آهي. روايت مطابق انهيءَ واهڻ ۾ حضرت نوح پنھنجي ٻيڙي ٺاهي هئي.
آراراط جو عبراني نالو اُراد هو يا اُراتو هيو. نائين کان ستين صدي قبل مسيح تائين آشورا ۽ بابل سلطنتن جي حد، دجله، فرات کان وٺي ڪوھہ آراراط تائين هئي. اراراط کي فارسي ۾ ڪوھہ نوح بہ چون ٿا. هن جي دامن وٽ ڳوٺ ”سينٽ جيڪب“ جي باشندن جو خيال آهي تہ ”آراراط تي چڙهڻ وارو خدا جي قھر جو شڪار ٿي ويندو آهي.“ پر 27 سيپٽمبر 1829ع ۾ هڪ جرمن جان جيڪب ران پيرٽ، پهريون دفعو انهيءَ تي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان بعد 1845ع ۾ هڪ ٻيو جرمن ماهر پروفيسر هرمن آبچ ان تي چڙهيو. هاڻي تہ يورپي ماڻهن جي ٻيگهي مچي وئي آهي ۽ ڪافي ماهر نوح جي ٻيڙي ڳولڻ ۾ مصروف آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو