آرتي3: هندو ڌرم ۾ هڪ ديويءَ جو نالو، جنهن کي آرتيه پڻ سڏيو وڃي ٿو. ان ديويءَ جو تذڪرو رگ ويد ۾ بہ آيل آهي. کيس ڪيترن ئي ديوتائن جي ماءُ بہ مڃيو وڃي ٿو. هندن جي عقيدي موجب آرتيه ديوي ٻارن ۽ چوپائي مال تي برڪتون موڪليندڙ عظيم ديوي آهي. هن لاءِ هڪ مفروضو اهو پڻ آهي تہ هوءَ گناھہ معاف ڪندڙ ديوي آهي ۽ محيط ڪل فطرت يا وجود جي مجسم صورت آهي.