آرسي مئگزين

آرسي (مئگزين): هفتوار نيوز مئگزين ’آرسي‘، سھيل سانگي جي ادارت ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ پهريون سنڌي نيوز ميگزين هو. 1994ع جي پهرين ٽماهي ۾ شروع ٿيو ۽ 1995ع ۾ مالي بحران ۽ سرڪاري دٻاءُ سبب رسالي جي اشاعت بند ٿي. آرسي جي ٽيم ۾ عاجز جمالي، خدا بخش ابڙو، رحيم بخش برق، بشير ملاح، عطيہ دائود ۽ زاهد ميراڻي شامل هئا. ’آرسي‘، سنڌيءَ ۾ تحقيقاتي صحافت جو باضابطه پايو وڌو. هي پهريون سنڌي مئگزين هو، جنهن ۾ ڇپجندڙ هر رپورٽ ۽ مضمون تي لکندڙ کي ادائگي ڪئي وئي. هڪ سال جي عرصي ۾ ڪيترائي اهم انٽرويو، پروفائيل ۽ تحقيقي رپورٽون شايع ٿيون، جن تي سياسي، ادبي حلقن ۾ وڏو چوٻول ٿيو. مھراڻ بينڪ اسڪينڊل واري اسٽوري ’آرسي‘ بريڪ ڪئي. آرسيءَ لاءِ حيدرآباد مان نثار کوکر، نوابشاھہ مان صالح بلو، دادو مان ذوالفقار شيخ رپورٽنگ ڪندا ھئا. سنڌ جي تڏهوڪي وزير اطلاعات سيد پرويز علي شاھہ جي گهر واري جو انٽرويو وٺڻ تان جهيڙو ٿي پيو. اهو واقعو ميڊيا ۾ خبرن جي زينت پڻ بڻيو. ائين سرڪاري دٻاءَ سبب ’آرسي‘ مخزن بند ٿي ويئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو