آرمينيا
آرمينيا (Armenia):آرمينيا اتر- اوڀر ايشيا جي ڪوچڪ ۽ ڏکڻ-اولهه ٽرانس ڪاڪيشيا جو هڪ تاريخي علائقو آهي، جيڪو ترڪيءَ جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي، جنهن جي پکيڙ تقريباً ساڍا يارهن هزار چورس ميلن تي پکڙيل آهي، آرمينيا ڪنهن وقت روس جي رياست به رهيو آهي. هن جي آبادي چاليهه لکن کان مٿي آهي. آرمينيا جو اڪثر حصو پهاڙي آهي. چيو وڃي ٿو ته طوفان نوح کانپوءِ حضرت نوح جو ٻيڙو اچي هتي لٿو. هتان جي آبهوا پاڪستان جي آبهوا سان مشابهت رکي ٿي. هتان جا رهواسي مشرقي قوم جي نسل مان آهن، جيڪي انڊو يورپين ماڻهن سان گڏجي ويا آهن. هتان جي مقامي زبان فارسي سان ملندڙ جلندڙ آهي. آرميني حڪومت ستين صدي ق . م ۾ قائم ٿي. 505 ق.م سائرس اعظم ان کي ايراني سلطنت ۾ شامل ڪيو. جڏهن سڪندراعظم 330 ق.م ايران فتح ڪيو ته سلوڪسي (Selevcid)، سلطنت جو حصو بنجي ويو. (سلوڪس سڪندراعظم جو هڪ جرنيل هو). سڪندراعظم جي وفات بعد سندس جرنيلن ان جي حڪومت پاڻ ۾ ورهائي ڇڏي. سلوڪس جي حصي ۾ شام ۽ اوڀرندي حصي وارا علائقا آيا. هتي سلوڪس خاندان 312 ق. م کان 364 ق. م تائين حڪومت ڪئي.
ٻي صدي ق.م ۾ روم ۽ سلوڪسي حڪومتن ۾ جنگ لڳي. ان عرصي دوران آرمينيا آزاد ملڪ بنجي ويو. آرمينيا 94 ق.م کان 56 ق. م تائين مشرق قريب جي سڀني حڪومتن کان طاقتور حڪومت هئي. ان کي دنيا جي سڀ کان قديم عيسائي مملڪت چيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته 300ع ۾ هتان جي بادشاهه ترمي دانس عيسائيت کي سرڪاري مذهب قرار ڏنو هو. اٺين صدي عيسويءَ ۾ هي ملڪ عربن جي قبضي هيٺ اچي ويو. يارهين صدي عيسويءَ ۾ سلجوقين ان تي قبضو ڪيو. آرمينيا سورهين صديءَ ۾ ترڪ سلطنت عثمانيه جو حصو بڻجي ويو. آرمينيا جي ڪجهه حصي تي روس ۽ ايران جو به قبضو رهيو. پهرين جنگ عظيم ۾ ترڪيءَ کي شڪست ملي، 1917ع ۾ روس ۾ سوشلسٽ انقلاب بعد 1918ع ۾ آرمينين پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر 1920ع ۾ ترڪيءَ ۽ روس جي حڪومتن ٻيهر ان تي قبضو ڪري ورتو.