آروهي امروهي: جڏهن باقاعده موسيقي ۾ پهرين کرج کان ٽيپ جي کرج ۽ ٽيپ جي کرج کان پهرين کرج تائين واپس اچجي ٿو ته اصطلاحاً ان کي آروهي ۽ امروهي چئبو. آروهي ۽ امروهي جو عمل سمجهڻ تمام ضروري آهي، جو موسيقيءَ جو سڄو دارومدار ان تي آهي. آروهي امروهي جي لغوي معنيٰ اتار ۽ چڙهاءُ آهي. هن مان سڀ راڳ راڳڻيون نڪرن ٿيون ۽ هڪ ٻئي کان مورئون الڳ به ٿين ٿيون. آروهي ۽ امروهي لاءِ ماڻهن جو خيال آهي ته کرج کان کرج تائين برابر وڃڻ گهرجي ۽ انهيءَ نموني واپس اچڻ گهرجي ۽ وچوارا جيڪي به سُر آهن، اهي سلسلي سان لڳڻ گهرجن ۽ انهيءَ غلط خيال جي ڪري مشهور آهي ته درباري جيڪا هڪ عام راڳڻي آهي، ان جي آروهي امروهي ٿي نٿي سگهي. سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته راڳ جي آروهي امروهي ٻي ٿيندي آهي ۽ تان جي ٻي. راڳ جي آروهي امروهي ۾ کرج کان کرج جي ٽيپ تائين وڄڻ تمام ضروري آهي ۽ اهڙي نموني واپس اچڻ به ضروري آهي. راڳ جي آروهي امروهي جا ٻه قسم آهن، هڪ شد ٻي وڪر، جنهن جي معنيٰ آهي، ٽيڙي. شد آروهي امروهي مان مراد آهي ته جيڪي به سر راڳ جا راڳڻي ۾ هجن اهي سلسلي وار ڳايا/ لڳايا وڃن ۽ انهيءَ ئي سلسلي سان واپس ٿيڻ گهرجي. مثلاً ساري گاما پاڌاني سا- هي شد آروهي آهي. ساگاماڌاسا- سا ڌاما گاسا- هيءَ به شد آروهي امروهي آهي، توڙي هن ۾ ٻه سُر گهٽ آهن، پر جيڪي به سُر آهن، اهي سلسلي سان لڳن ٿا. ساري ما گاري- ماگا- پاما- ني ڌا- سا- ساڌا- ني پا- ڌاما- پاگا- ما ري- سا- هيءَ به صحيح آروهي امروهي آهي پر سر پنهنجي سلسلي سان ڪو نه ٿا لڳن تنهن ڪري ان کي وڪر چئبو.
اهو ضروري ناهي ته سڀ سُر وڪر هجن، پر هڪ سر به وڪر ٿي سگهي ٿو. مثلاً: ساري گاري گاما پاڌاني سا- ساني ڌاپا ماگاري سا- هتي رڳو هڪ سر گنڌار وڪر آهي ته راڳ راڳڻي جي روپ مٽجڻ جو سبب ٿيو وڃي. اهو بهرحال ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته راڳ جي آروهي امروهي ان جي روپ تي منحصر آهي، جنهن روپ جو راڳ هوندو ان جي آروهي امروهي به ان روپ جي هوندي. مثلاً يمن ڪلياڻ شڌ روپ جو راڳ آهي ته ان جي آروهي امروهي به ان روپ جي هوندي. گوڙ سارنگ وڪر روپ جو راڳ آهي ته ان جي آروهي امروهي شروع کان آخر تائين وڪر رهندي. پر سورٺ اهڙي راڳڻي آهي، جنهن جي آروهي وڪر ۽ امروهي شڌ آهي، ان جي برعڪس ڪامود اهڙو راڳ آهي، جنهن جي آروهي شد ۽ امروهي وڪر آهي.