آريئڙو: پنوعاقل کان اوڀر تي اروڙ کان 16 ميلن جي مفاصلي تي مشھور قلعي ۽ شھر آريئڙي جا نشان ۽ آثار اڃا تائين موجود آهن. هي وڏو قلعو ان پراڻي سڙڪ تي هو، جيڪا قديم شھر ’وس‘ ڏانهن ويندي هئي. هي شھر ناري جي ڪپ تي آباد هو، ناري جا نشان ۽ ڍورا اڄ بہ ٻلهڻي ۽ جوڻاس جي پاسي موجود آهن ۽ ڀرپاسي ۾ ڪيترائي ڍورا آهن. نارا يا ڍورا سنڌو نديءَ جا گهاٽ يا ننڍيون نديون آهن، جن جا آثار مختلف جاين تي موجود آهن ۽ اهي هاڪڙي درياھہ کي سنڌو درياھہ سان ملائيندا هئا. ان پٽيءَ تي ٻيا قديم شھر ٻلهڻي، اڌ لکو، گروڙ، گراهڙ، ڪرنجر، مامڙو، مٺڙائو، گهيٽي، گهوٽهڙو آهن. گهوٽهڙو پني عاقل تعلقي جو آخري ڦٽل شھر آهي، جتان ڀارت جي علائقي جيسلمير جي حد شروع ٿئي ٿي. چچ نامي ۾ جنهن چترور جو ذڪر ڪيو آهي، اهو آريئڙي وارو هنڌ هو، جنهن جو اروڙ سان خاص تعلق هو. راجا ڏاهر جي پٽ اروڙ جي فتح کان پوءِ آريئڙي ڏانهن هڪ سرنگهہ رستي آيو هو ۽ هتي پناھہ ورتي هئائين. هي قديم شھر سومرن جي دؤر ۾ ڦٽي ويو ۽ هاڻي آري مقام نالي قبرستان ۽ آريئڙي نالي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آهي. آريئڙي جي ڀرسان هڪ ٻيو ڦٽل ڳوٺ ’ٿمي‘ بہ موجود آهي، جنهن جون مقامي ماڻهن لاءِ مختلف ڏند ڪٿائون آهن.