آرين جي آباديءَ بابت رهنما نقشو
آريا: آريا ھڪ خانه بدوش قبيلو ھئا، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته 1300 ق.م کان 650 ق.م ۾ ايران کان ھندستان ۾ آيا. جڏهن ته ڪي ٻيا عالم سندن هند ۾ اچڻ کي مفروضو ٿا سمجهن. جديد تحقيق موجب لفظ ’آريا‘ جو تعلق دراصل ”زبان“ سان آھي، يعني وچ ايشيا جا ھند- يورپي زبان ڳالهائڻ وارا قبيلا. آرين بابت ھڪڙو نظريو اھو به آھي ته جڏھن اھي پنھنجي اصلي وطن وچ ايشيا مان نڪتا ته ٽن ٽولن يا حصن ۾ ورھائجي ويا. ھڪڙن يورپ جو رخ رکيو، ٻيا وچ مشرق مان ٿيندا ايران پھتا ۽ اتي آباد ٿي ويا. ۽ ٽيان، جن ھندستان جو رخ رکيو، سي پھريائين پنجاب ۽ سنڌ جي ميداني علائقن ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ اڳتي وڌيا. ھن وقت ڪن ڀارتي ودوانن خاص ڪري ڪرشنا راءِ، دوارڪا پرشاد شرما، گنگارام سمراٽ ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته آريا ٻاھريان نه ھئا، پر ھند جي سرزمين جا اصلي باشندا ھئا. ويد آرين جي تخليق چيا وڃن ٿا، جيڪي هنن سنڌوءَ ڪناري رچيا. آرين جو مذھب: موھن جي دڙي وارن مھذب ماڻھن جي زندگيءَ ۾ پھريان خلل وجهندڙ، آريا چيا وڃن ٿا، ڪيترن محققن جو چوڻ آھي ته آريا اڻ سڌريل ۽ وحشي ھئا. ھنن جڏھن ننڍي کنڊ تي حملو ڪيو، تڏھن ھتان جا رھاڪو، جيڪي نھايت سڌريل ۽ امن پسند ھئا، سي سندن حملي کي منھن ڏيئي نه سگهيا ۽ ھٿيار اڇلائي ڇڏيائون، جنگ کان پوءِ جڏھن فاتح ۽ مفتوح ۾ ميلاپ شروع ٿيو، تڏھن مفتوح قبيلي جي بلند اخلاقي ۽ سندن تھذيب آرين جي وحشي پڻي تي اثر انداز ٿيڻ لڳي، تان جو ٻئي قبيلا ملي ھڪ ٿي ويا ۽ سندن ”سنجوڳ“ مان ھندو ڌرم جو بنياد پيو، جنھن جا اڪثر عقيدا سنڌو ماٿريءَ جي رھاڪن جي عقيدن سان ملن ٿا، ھي سنجوڳ ته گهڻو بعد جو آھي، پر جڏھن آريا برصغير ۾ داخل ٿيا ته پاڻ سان گڏ ڪي عقيدا به آندائون، جن ۾ ”اگني“ (باهه) ديوتا کي مڃڻ جو عقيدو اھم ھو. آريا سرد علائقن جا رھواسي ھئا، ان ڪري باھه جھڙي قدرتي عنصر جي کين سخت ضرورت ھئي، ان ئي باهه کي قائم رکڻ سان سندن گهر گرم رھي سگهيا ٿي، باهه جا اڪثر آتش ڪده به انهن ئي سرد علائقن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سنڌ ھڪ گرم علائقو ھو، ھتي باھه کاڌي تيار ڪرڻ لاءِ ته ڪارگر ٿي سگهي ٿي، پر پاڻيءَ وانگر زندگيءَ کي دوام بخشي نه پئي سگهي، ان ڪري قديم سنڌين کي آرين جا ديوتا ايترو متاثر نه ڪري سگهيا، جيترو ھتي جي قديم رھواسين جي ديوتائن، آرين کي متاثر ڪيو. تحقيق مان پتو پوي ٿو ته وقت گذرڻ سان انهن وحشي آرين مقامي ماڻهن جي ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي، سندن عقيدا سنڌو ماٿريءَ جي رھاڪن جي عقيدن کان بلڪل الڳ ھئا، پر ھن سرزمين تي ڳچ صديون گڏ رھڻ ۽ آباد ٿيڻ کان پوءِ سندن عقيدن ۾ زبردست انقلاب آيو ۽ اھي ”اندر ديوتا“ جا پوڄاري آخر ”شو“ جي پوڄا ڪرڻ لڳا. محققن جو رايو آھي ته سنڌو ماٿر جي اعتقادن ۽ روحاني تصورن ننڍي کنڊ کي اھڙو ته ورثو ڏنو، جنھن جو غلبو اڄ تائين ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ھتي ھن سر زمين تي موجود آھي. آريا سماج: آريا مذهب، آرين جي عقيدي ۽ طريقي تي هلڻ واري جماعت، جنھن جو بنياد 1875ع ۾ سوامي ديانند سرسوتيءَ رکيو. ھيءُ فرقو هندو ڌرم ۾ مذھبي ۽ سماجي روايتن ۾ اصلاح جو علمبردار آھي، جڏهن هندستان تي انگريزن قبضو ڪيو ۽ سندن سيڪيولر روايتن عام هندن کي متاثر ڪيو ۽ اهي عيسائيت طرف راغب ٿيڻ لڳا ته هندو ڌرم جي بچاءَ لاءِ هيءُ فرقو قائم ٿيو ۽ ان کان سواءِ ديوين ۽ ديوتائن جي عبادت بدران هڪ ڀڳوان جي پوڄا جي هدايت ڪئي وئي. ھن فرقي جي تحريڪ ھندن ۾ تيزيءَ سان مقبول ٿي. ھيءُ گروهه بيواھن جي ٻي شاديءَ جي حمايت ۽ ننڍپڻ واري شاديءَ جي مخالفت ۾ سرگرم رھيو آھي. آريا سماجي، بت پرستيءَ جي خلاف آھن. ھنن جا پنھنجا جدا عبادت خانا آھن. فرقي جي مقصدن جي تڪميل لاءِ رقم انهن صنعتن مان خصوصي طور ڏني ويندي آھي، جيڪي منظم پئماني تي قائم ٿيل آھن. ھن تنظيم جا وسيع پئماني تي تعليمي ادارا پڻ قائم ٿيل آھن. آريا سماجي تحريڪ جي ڏس ۾، سنڌيءَ ۾ ڀيم سين ميگهراج نظم ۾ ”آريا سماج جا ڏهه نيم“، چئنچلداس، کيئلداس، ”آريا سماج جو اتھاس“ ۽ گوبند رام راڄي مل چيلاڻي ”سماج جي جوڙجڪ'>آريا سماج جي جوڙجڪ“ (1942ع) نالي ڪتاب لکيا. آريا سماجي تحريڪ جو سنڌي هندن تي وڏو اثر آهي.