آريجا (ديھہ)

آريجا2: هن نالي سان تعلقي ڏوڪريءَ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ديھہ. آريجا جي نالي سان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 5 ڳوٺ آباد آهن، جھڙوڪ: سيڙهي وارا آريجا، خيرمحمد آريجا، ۽ باقي تعلقي ڏوڪري ۾ 3 آريجن جا ڳوٺ آهن. هنن ڳوٺن ۾ خيرمحمد آريجا ڳوٺ مشھور آهي، جنهن جو بنياد ڪلهوڙن جي دور کان ڪجهہ عرصو اڳ پيو. هن ڳوٺ جي شھرت ٻن شخصيتن علامہ محمد آريجوي ۽ مخدوم محمد شھاب الدين جي ڪري آهي. علامہ آريجوي پنھنجي دور ۾ ”استادِ ڪل“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جنهن وٽ پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ پڻ تعليم ورتي هئي. جڏهن تہ مخدوم شھاب الدين جو تعلق مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ سان هو.گرهوڙي صاحب جي شهادت کان پوءِ سندس ساٿي ۽ لشڪر ڇڙ وڇڙ ٿيا تہ مخدوم شھاب الدين اچي آريجن جي ڳوٺ ۾ ويٺو. ٻنهي بزرگن مذهبي تعليم جي حوالي سان وڏو نالو ڪڍيو. بعد ۾ اهو سلسلو کانئن ڦري مولوي تاج محمد کوکر ۽ هدايت آريجي جي حوالي ٿيو،جن پڻ مذهبي تعليم جي حوالي سان وڏو نالو ڪڍيو. ڳوٺ خيرمحمد آريجا ۾ نالي واري استاد اديب ۽ تعليمدان ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪيو آهي، جيڪو تحقيقي علم ۽ ادب جي حوالي سان جڳ مشھور آهي. ڊاڪٽر صاحب هيءُ ادارو پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي نالي سان قائم ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو