آريسر: سنڌ جي ھڪ ذات، جيڪا سماٽ قبيلي سان تعلق رکي ٿي. ان جو شجرو ڄام انڙ سمي سان ملي ٿو. آريسر ولد مناھي ولد تڳودر ولد ڏيرو ولد ٿيٻو ولد انڙ. آريسر ۽ ڇڇر ٻہ ڀائر ھئا. آريسر کي پنج پٽ ٿيا: آرادين، حسڻ، نورالدين، رڪڻ ۽ ميمڻ. سنڌ ۾ موجود آريسر ذات جا ماڻھو مٿئين آريسر جو اولاد آھن. ھيءَ ذات اڪثر ٿر پارڪر، سانگهڙ ، مسڻ ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۽ بدين جي علائقن ۾ آباد آھي. هن ذات جي حوالي سان عمرڪوٽ جي ديھہ نبي سر ۾ ”آريسر جو تڙ ۽ ديھہ ”ڪپلور ٿر“ ۾ ”آريسر جي ڍاڻي“ نالي ڳوٺ موجود آهن.