آريسر، محمد ايوب فقير: فقير محمد ايوب آريسر ولد محمد يوسف آريسر جو جنم 1919ع ۾ ڳوٺ ھوندو آريسر ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم حافظ حمزي ۽ استاد مبارڪ آريسر وٽ قرآن شريف ۽ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ”مظھر العلوم“ مدرسہ ولھيٽ ساندن واري ۾ ويو، جتي کيس عربي ۽ فارسي پڙھائڻ لاءِ مرحوم مفتي عبدالڪريم ساند جهڙو استاد مليو. پاڻ شاعريءَ جي شروعات مظھر العلوم ۾ پڙھڻ وقت سندس استاد جي چوڻ تي ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ مظھر العلوم بدين ويو، جتي مولوي غلام علي گوپانگ کان فارسي پڙھيائين، اتان موٽي اچي زمينداريءَ ۾ مشغول ٿي ويو پر سندن شاعريءَ سان گهڻو چاھ رھيو. زماني جي گردش کيس سندس اباڻو ڳوٺ ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، پاڻ ھوندو آريسر کان لڏي اچي ڳوٺ سون پور ۾ رھيو، سندن وفات بہ اتي ٿي. ھن ڪافيون، وايون ۽ غزل وغيرہ لکيا. سندس ڪافيون، ڊاڪٽر بلوچ جي تربيت ڏنل ڪتاب ’ڪافيون‘ ۾ ڏنل آهن.
1919.00.00 عيسوي
فقير محمد ايوب آريسر ولد محمد يوسف آريسر جو جنم 1919ع ۾ ڳوٺ ھوندو آريسر ۾ ٿيو.