آري پير بهڻ جو مقبرو

آري پير بهڻ جو مقبرو

آري پير بھڻ جو مقبرو

آري پير بھڻ جو مقبرو: پير بھڻ جو مقبرو'>آري پير بھڻ جو مقبرو تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄامڙن جي مقبرن مان هڪ آهي. هي مقبرا ديھہ ڄامڙا، آگرا روڊ تي آهن. پير بھڻ جو مقبرو هتي موجود مقبرن ۾ مکيہ حيثيت رکي ٿو. هتي مدفون بزرگ لاءِ مشھور آهي تہ هي غوث پاڪ ملتان واري کي کير ميسر ڪري ڏيندڙ ويجهي مريد پير پنير شاھہ جو صحبتي ۽ پوئلڳ هو. درگاھہ جي سنڀال هن وقت ابراهيم ڄامڙو ڪري رهيو آهي.
مقبرو مٿانهين دڙي تي آهي ۽ ڀر ۾ ٿورڙي پنڌ تي ٻين بزرگن جا مقبرا، قبرستان جون مزارون آهن. مقبري جو نمونو پير پنير شاھہ جي مقبري سان گهڻو ملندڙ جلندڙ آهي. اڱڻ ننڍيءَ ڀت جو احاطو ڏئي ٺاهيو ويو آهي. اڱڻ جي پڪين سرن سان فرشبندي ڪيل آهي. مهاڙيءَ ۾ ونگائين لنگهہ ۾ چوڪاٺي ۾ ڪاٺ جو دروازو لڳل آهي. ٻنهي پاسن کان ڪالم ڪڍي نمائشي جارا ٺاهيا ويا آهن. پاسن کان پڻ ديوارن تي ساڳئي قسم جو نمونو ٺهيل آهي. ڇت تي وڏو اٺڪنڊو ڳچ ٺاهي، ان تي گول گنبذ رکيو ويو آهي. مقبري کي پيڙھہ کان مٿي تائين سفيد رنگ ڪيل آهي، گنبذ جو رنگ سائو آهي. مهاڙيءَ ۾ ٻنهي ڪنڊن تي نيلن کانسواءِ ڳچ ۽ ڪنڊن تي نيلون هنيون ويون آهن. مقبري جي سنڀال چڱي ٿيل آهي. اندر سائي ٿلهي تي قطار ۾ قبرون آهن. مقبري تي معتقد حاضري ڀريندا رهن ٿا.


لفظ آري پير بھڻ جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو