آري پير قبرستان

آري پير قبرستان: هي سترهين ارڙهين صدي عيسويءَ جو قبرستان آهي، جيڪو ديھہ تپي مول، تعلقي ٿاڻو بولاخان، ضلعي ڄام شوري. اتر ويڪرائي ڦاڪ 25◦ 30′ 46″ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ 67◦ 28′ 50″ تي واقع موجود آھي. ھي قبرستان مول ڳوٺ جي اتر ۾ نون ميلن جي فاصلي تي موجود آھي. ويجها ڳوٺ جان محمد دريش ۽ شير محمد سھنو اٿس. ھتي ڪجهہ قبرن تي اڪر جو ڪم ٿيل آھي، جيڪي پٿرايون آھن ۽ ٻيون عام قبرون بہ آھن. 5 قبرون ھڪ ٿلھي تي ٺھيل آھن، جن تي گل ٻوٽا چٽيل آھن. ھن وقت نيون قبرون ۽ قبا جڙي رھيا آھن. قبرستان اٽڪل چئن ايڪڙن تي پکڙيل آھي.


لفظ آري پير قبرستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو