آري چنگهڻ

آري چنگهڻ(لٺ )2: هن ماڳ تي بہ آري ڄنگهڻ لٺ -1 جهڙو هڪ
اڻ گهڙيل اڀو پٿر کتل آهي، ۽ قبل از تاريخ جو آهي. هي ماڳ ديھہ مول، تعلقي ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄامشوري ۾ واقع آهي. ھي ماڳ آري چنگهڻ-١ کان اڌ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي، ھي ھڪ وڏو قدرتي پٿر زمين ۾ کتل آھي، جنھن جو قطر ٥٥ . ١ ميٽر ۽ اوچائي ٠ . ٢٨ ميٽر بيھي ٿي. مقامي ماڻھو ھن کي روھي بہ چون. ھن تي ڪابہ لکت وغيرہ ڪونه آھي. ھي ڇو ۽ ڇا لاءِ ٺاھي وئي، ان جو ڏس پتو نٿو ملي. ھي ۽ ٻيون اھڙيون پٿر جون کتل لٺيون محققن لاءِ مواد آھن. اھڙن يادگارن لاءِ انگريزيءَ جو لفظ Menhir استعمال ڪري سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو